ڪاميابيءَ لاءِ ڪڏهن به پيءُ جو سهارو ناهي ورتو: سونم ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا سونم ڪپور چيو آهي ته مان پنهنجي ڪيريئر جي ڪاميابيءَ لاءِ پنهنجي پيءُ انيل ڪپور جو ڪڏهن به سهارو ناهي ورتو. هڪ تقريب دوران جڏهن سونم ڪپور کان پنهنجي ڪيريئر بابت پڇيو ويو ته هن جو چوڻ هو ته مان ڪڏهن به پنهنجي ڪيريئر جي شروعات لاءِ پيءُ انيل ڪپور جو سهارو ناهي ورتو ۽ نه ئي ڪڏهن ائين ڪنديس، اهو فيصلو مان گهڻو اڳ ئي ڪري ڇڏيو هو. سونم ڪپور چيو ته مان پاڻ کي خوش قسمت سمجهان ٿي، ڇو جو انيل ڪپور منهنجو پيءُ آهي، جنهن مون کي وقت ڏنو ۽ سڀ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي لائق بڻايو، اهو ئي سبب آهي جو مان پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري سگهان ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *