ڪامورا شاهي کي ڪم ڪرڻ نه ٿو ڏنو وڃي، نظام کي خطرو آهي : ن ليگ

سيالڪوٽ ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته عمران خان جي لهجي مان لڳي ٿو ته هو نهايت پريشان آهن، سياسي ماڻهو هر وقت اليڪشن لاءِ تيار هوندا آهن. سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته حڪومت پاڻ ئي پنهنجي دشمن آهي، ڪامورا شاهي کي ڪم ڪرڻ نه ٿو ڏنو وڃي، گذريل 6 مهينن ۾ حڪومت رڳو پراڻن منصوبن تي تختيون لڳايون آهن. هن چيو ته نظام کي خطرو آهي، اسان کي خدشا آهن پوءِ به چاهيون ٿا ته نظام هلي، حڪومت نوٽ ڇاپي رهي آهي ۽ هن وقت تائين 1400 ارب ڇاپي چڪي آهي.  هن چيو ته عمران خان جيڪو 22 سالن تائين چوندو رهيو تنهن تي عمل نه ڪيو آهي،  هاڻي کيس معاشي صلاحڪاربه ڇڏي وڃي رهيا آهن، پهريون ڀيرو  هڪ وزيراعظم آءِ ايم ايف وٽ وڃي رهيو آهي، هن چيو هو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ کان بهتر آهي ته آپگهات ڪيو. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرميني تان هٽائڻ جو ڪو فائدو ناهي پر حالتون خراب ٿينديون، اسان ڪنٽينر تي نه ٿاچڙهڻ چاهيون، اسان به نظام کي منجمد ڪري سگهون ٿا.  خواجه آصف چيو ته پرڏيهي پاليسي درست رخ ۾ ناهي، هڪ وزير چئي رهيو هو ته ڪلڀوشن کي کپايو ويو آهي، جهڙو وزيراعظم آهي تهڙا ئي سندس وزير آهن، خوف آهي ته پراڻو دوست اسان کان ناراض نه ٿي وڃي. خواجه آصف چيو ته اين آر او رڳو وزيراعظم کي جي ڀيڻ کي مليو آهي، حڪومت نواز شريف جي بيماري جو فائدو وٺڻ چاهي ٿي، دل جي مرض لاءِ ڊاڪٽر جي راءِ کي قبول ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *