ڪاليج دور ۾ تمام  گهڻي ٿلهي ۽ بي ڊولي هيس:زرين خان

ممبئي (شوبز نيوز)  بالي ووڊ اداڪارا زرين خان انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ ڪاليج واري دور ۾ تمام  گهڻي ٿلهي ۽ بي ڊولي هئي ،ڪاليج جون سڀ ڇوڪريون ۽ ڪلاس فيلوز مون تي ٽوڪون ڪندا هئا، مونکي سندن اهو ورتاءُ بلڪل به نه وڻندو هو، هڪ انٽرويو ۾ زرين خان چيو ته مان بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جو سوچي به نه سگهندي هيس، سندس چوڻ هو ته منهنجي جواني جون تصويرون ڏسي ڪير به اهو نه ٿو چئي سگهي ته مان هاڻ جيڪا آهيان، اها ئي هيس،

هن چيو ته تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ مان پاڻ تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو۽ پاڻ کي وڻندڙ بڻائڻ جو پڪو پهه ڪيو، اداڪارا چيو ته مان پنهنجي کاڌ خوراڪ ٺيڪ ڪرڻ سان گڏ ورزش به شروع ڪئي ۽ ڪجهه ئي عرصي ۾ پنهنجو وزن ايترو گهٽائي ڇڏيو جو منهنجون اهي ئي سهيليون منهنجي سونهن جا راڳ ڳائڻ لڳيون، زرين خان چيو ته جڏهن مان پاڻ کي وڻندڙ بڻايو ته سڀ منهنجا ديوانا ٿي ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *