ڪالهه هزارين ماڻهو سمنڊ تي وهنجڻ ويا، اڃان عوام کي ڪيترو امن کپي: وڏو وزير

ڪراچي/نوابشاهه (نمائندن وٽان) نوابشاهه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قائم علي شاهه اهم پڌرائي ڪئي ته صفورا وقعي ۾ ملوث 4 ماڻهو نوابشاهه مان گرفتار ڪيا ويا آهن، هن چيو ته اها اهم خبر عوام سان ونڊڻ چاهيان ٿو ته صفورا واقعي ۾ 4 ماڻهن کي پڪڙيو ويو آهي، جن جو تعلق نوابشاهه سان آهي، هنن صفورا واقعي جي هتي ئي رٿابندي ڪئي، هن چيو ته اها خبر مون کي ڪراچي ۾ ڏيڻي هئي پر نوابشاهه ۾ موجود آهيان انڪري هتي اها خبر ڏيان پيو. ٻئي طرف سنڌ جي وزير اعليٰ سيد قائم علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجن  خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ ۾ مڪمل طور تي امن امان جي صورتحال بهتر آهي ۽ ڪراچي ۾ صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، جيڪڏهن سنڌ ۾ امن نه هجي ها ته سيڙپڪار ڪراچي ڇو پيا اچن، پنجاب ۾ ٿيندڙ واقعن تي ڪنهن به آواز نه اٿاريو ۽ ڪنهن استعيفيٰ ڇو نه ڏني، ماڻهن استعيفيٰ کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پرويز مشرف جي دور ۾ آمريڪي ڪائونسل خاني ۾ بم ڌماڪو ٿيو هو ته ڇا ان وقت هن استعيفيٰ ڏني، ارباب غلام رحيم جي وزارت واري دور ۾ ان وقت جي ڪور ڪمانڊر تي حملو ٿيو ان وقت جي وزيراعليٰ استعيفيٰ ڇو نه ڏني. تنقيد ڪرڻ مخالف ڌر جو حق آهي پر  جيڪڏهن ڪو الزام لڳائي ٿو ته پوءِ ثبوت به سامهون آڻي.قائم علي شاهه چيو ته اپيڪس ڪميٽي ۽ سنڌ حڪومت ڏوهارين جو خاتمو ڪرڻ لاءِ اهم قدم کنيا آهن جن کي وزيراعظم، آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آئي سنڌ حڪومت کي ساراهيو آهي.صفورا واقعي وقت مان اسلام آباد هئس ۽ اهو واقعو صبح9 وڳي ٿيو ۽ واقعي کان 2 ڪلاڪ پوءِ مان 11 وڳي ڪراچي پهچي چڪو هئس،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *