ڪالا باغ ڊيم منصوبو ننڍن صوبن لاءِ خطرو آهي، 3 صوبا رد ڪري چڪا آهن: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته وفاقي وزير جي ڪالا باغ ڊيم تي ڏنل بيان بابت کيس حيرت ٿي آهي، ن ليگ ملڪ ۾ نئون تڪرار پيدا ڪرڻ چاهي ٿي، ن ليگ جي خيال ۾ ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ کين ووٽ ملندا. ڪالا باغ ڊيم تعمير ڪرڻ واري خواجه آصف جي بيان تي ردعمل ڏيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاه ته تڪراري رٿا بابت وفاقي وزير جي بيان تي حيرت ٿي آهي. هن چيو ته ڪالا باغ ڊيم منصوبو ننڍن صوبن لاءِ خطرو آهي، جنهن کي 3 صوبا رد ڪري چڪا آهن. پ پ اڳواڻ چيو ته ن ليگ ملڪ ۾ نئون تڪرار پيدا ڪرڻ چاهي ٿي، ن ليگ جي خيال ۾ ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ڪرڻ سان کين ووٽ ملندا. خورشيد شاهه چيو ته سنڌ ۾ جيڪو ٿئي پيو تنهن تي کين خدشا آهن، ڇا ڪرپشن رڳو سنڌ ۾ ٿئي پئي، ٻٽو معيار هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي، پاڪستان کي هلائڻ لاءِ سموريون سياسي پارٽي متحد ٿين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *