ڪالاباغ اشو سياست چمڪائڻ لاءِ اٿاريو ويو، ڊيم ٺهڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير قائم علي شاهه چيو ته ڪالاباغ ڊيم کي 3 صوبا رد ڪري چڪا آهن، ڪالاباغ ڊيم جو معاملو اٿارڻ سياست چمڪائڻ آهي، مڪاني چونڊون شفاف نموني ڪرايون وينديون، ڪنهن به قسم جي مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي.. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته ڪالا باغ ڊيم جو اشو سياسي بنيادن تي اٿاريو ويو آهي، ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، ٽنهي صوبن ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي، ڪالا باغ ڊيم ٺهڻ سان ملڪ کي نقصان ٿيندو. سيد قائم علي شاهه چيو ته ڪالاباغ ڊيم جو معاملو اٿارڻ سياست چمڪائڻ آهي، تڪراري معاملي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ شفاف طريقي سان مڪاني چونڊون ڪرايون وينديون، 2013 واريون چونڊ شفاف طريقي سان ٿئي هئي، مڪاني چونڊ ۾ گهڻيون پارٽيون پ پ خلاف آهن.. هن چيو ته انتقامي ڪاررواين واريون ڳالهيون درست نه آهن، مخالف پارٽيون پ پ خلاف ڪوڙي وايلا ڪري رهيون آهن.وڏي وزير چيو ته نيب جي الزامن ۾ ڪا به صداقت نه آهي، نيب آفيسر کي حڪومت تي تنقيد ڪرڻ نٿو سونهي، 2 هزار ايڪڙ زمين غيرقانوني طور الاٽ ناهي ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *