ڪارڪن رڪاوٽون ٽوڙي ملتان پهچن، پي ڊي ايم جو هر صورت ۾ جلسو ڪرڻ  جو اعلان

ملتان (م.ڊ) پي ڊي ايم سربراهه طرفان ملتان ۾ اڄ هر صورت ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان، فضل الرحمان چيو آهي ته ڪارڪن سموريون رڪاوٽون ٽوڙي ملتان پهچن، پوليس ۽ انتظاميا ڏنڊا هڻي ته ڪارڪنن کي به ڏنڊا استعمال ڪرڻ جي اجازت آهي، پي ڊي ايم جي هنگامي اجلاس بعد مولانا فضل الرحمان ايندڙ آچر تي سمورن ضلعن هيڊڪوارٽرز ۾ مظاهرن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جي يو آءِ جا ڪارڪن قاسم باغ اسٽيڊيم جو ڪنٽرول سنڀالين، حڪومت جنگ ڇيڙي ڇڏي آهي، هاڻي جيڪو ڪجهه ٿيو، اُن کي منهن ڏنو ويندو، ڪنهن به طاقت روڪيو ته عوامي سمنڊ کين لوڙهي ڇڏيندو، اسان به جنگ شروع ڪري ڇڏي آهي، صرف ڪورونا اپوزيشن وارن لاءِ آهي، حڪومتي جلسن ۾ ڪورونا ناهي ايندو، حڪومت رياستي دهشتگردي تي لهي آئي آهي. ملتان ۾ پي ڊي ايم جي سڀاڻي واري جلسي کان اڳ قاسم باغ اسٽيڊيم جنگ جو ميدان بڻجي ويو، پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ سڄي رات وقفي وقفي سان چڪريون، ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس جي لٺبازي، يوسف رضا گيلاني جي پُٽ علي قاسم گيلاني سوڌو 30 کان وڌيڪ ڪارڪنن گرفتار، پ پ جي 370 کان وڌيڪ ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل، ملتان جي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيلن خلاف ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل ڪيو آهي، شهر ۾ جلسن ۽ ريليز جي اجازت نه ڏني ويندي، قاسم باغ اسٽيڊيم مان ڪارڪنن جي نڪري وڃڻ بعد ڪيٽرنگ وارا ڪرسيون ۽ شاميانا کڻي ويا، پوليس قاسم باغ ويندڙ رستا ڪنٽينر رکي ٻيهر بند ڪري ڇڏيا، اضافي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *