ڪارڪنن تي عابد شير علي ۽ راڻا ثناءِ الله جي غنڊن حملو ڪيو، قربانيون رائيگان نه وينديون، ظالمن جو مقابلو ڪيو ويندو: عمران خان

فيصل آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ زندگي روان دوان ٿي وئي، ڪاروبار کلي ويو، تحريڪ انصاف طرفان واقعي خلاف سڄي ملڪ ۾ سوڳ ملهايو پيو وڃي، قتل ٿيل ڪارڪن جي جنازي نماز اڄ ادا ڪئي ويندي، واقعي جو ڪيس عابد شير علي ۽ راڻا ثناءُ الله سميت 3 سئو ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته هو فائرنگ ڪندڙ شخص کي اڄ ظاهر ڪندو ته هو ڪير آهي. تحريڪ انصاف طرفان گذريل ڏينهن فيصل آباد ۾ احتجاج ۽ پر تشدد واقعن کانپوءِ اڄ شهر کلي ويآهي، واپارين پنهنجا دوڪان کولي ڇڏيا آهن جڏهن ته تعليمي ادارا به کلي ويا آهن. شهر ۾ مارجي ويل پي ٽي آءِ ڪارڪن جي جنازي نماز اڄ ادا ڪئي ويندي، عمران خان جي ڪيل اعلان تحت مختلف شهرن ۾ غائبانه جنازي نماز به ادا ڪئي ويندي. تحريڪ انصاف جي مارجي ويل ڪارڪن جو ڪيس وفاقي مملڪتي وزير عابد شير علي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله سميت 3 سئو ڄڻن تي داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪابه گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي. هوڏانهن تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته فيصل آباد ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن تي عابد شير علي ۽ راڻا ثناءِ الله جي غنڊن حملو ڪيو، ڪارڪنن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، ظالمن جو مقابلو ڪيو ويندو… فيصل آباد جي ڊي ٽائپ چوڪ تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ملڪ کي ظالمن مان ڇوٽڪارو ڏياريو ويندو، نواز شريف هميشه ظلم جي سياست ڪئي آهي، پوليس ۽ گلو بٽن سان گڏجي عوام تي ظلم ڪيو آهي، هاڻي پاڪستان جو عوام ظالمن جو مقابلو ڪندو. ٻئي طرف اڳوڻي صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته فيصل آباد ۾ پي ٽي آءِ جو هڪ نه پر ٻه ڪارڪن مارجي ويا آهن، هڪ ڪارڪن ٽائرن کي باهه ڏئي رهيو هيو ته کيس ڪپڙن کي باهه لڳي وئي جنن تي هن واهه ۾ ٽپو ڏنو جنهن جو لاش نه پيو ملي. هن چيو ته شهر ۾ فائرنگ ڪندڙ شخص کي اڄ ظاهر ڪيو ويندو ته هو ڪير آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *