ڪاروباري طبقي لاءِ گيس ۽ بجلي تي سبسڊي ڏيڻ جو اعلان، موڊيز به پاڪستان جي ريٽنگ مثبت ڪري ڇڏي آهي :حفيظ شيخ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي حڪومت ڪاروباري طبقي لاءِ گيس ۽ بجلي  تي سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته عالمي ادارا به هاڻ پاڪستان جي معاشي سڌاري جو انڪشاف ڪري رهيا آهن، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 40 هزار پوائنٽس جي سطح کان ٽپي ويو آهي، موڊيز به پاڪستان جي ريٽنگ مثبت ڪري ڇڏي آهي، گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي اڏاوت لاءِ سبسڊي ڏينداسين، سيڙپڪارن لاءِ قرض جي وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ڪنداسين، ڪنهن کي ڪا سپليمينٽري گرانٽ نه ڏني پئي وڃي، چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ نوڪريون ملن ۽ روزگار جا موقعا ملن، آءِ ايم ايف معاشي حدف پورا ٿيڻ تي 50 ڪروڙ ڊالر جي اڳين قسط ڏيندو، اسان ملڪي معيشت کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو، ايندڙ مرحلو اقتصادي ترقي ۾ تيزي جو آهي، جاري ۽ تجارتي کاتن ۾ گهٽتائي معاشي استحڪام کي ظاهر ڪري ٿي، ايندڙ سال مهانگائي جي شرح گهٽ ٿي ويندي، ملڪ جي ايڪسپورٽ ۽ ناڻي مٽاسٽا جا ذخير وڌي رهيا آهن، ملڪ جي امپورٽ ۾ ساڍا 5 ارب ڊالر گهٽتائي ٿي آهي، اڱاري تي عبدالحفيظ شيخ، حماد اظهر ۽ شبر زيدي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ ۾ اقتصادي ڪارڪردگي تي بحث هلي رهيو آهي، دنيا تي نظر رکندڙ وڏن ادارن پاڪستان جي معاشي استحڪام جي ساراهه ڪئي، هلندڙ مالي سال ۾ مالياتي خسارو گهٽ ڪيو ويو، واپاري خسار گهٽ ڪيو ويو، فارن ايڪسچينج ريزروو ۾استحڪام آهي، هن چيو ته عالمي بينڪ جي صدر پاڪستان جي ڪارڪردگي کي ساراهيو، ايشيا ترقياتي بينڪ پاڪستان لاءِ امداد ۾ 3 ارب ڊالر جي واڌ ڪئي، آءِ ايم ايف پاڪستان جي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪئي، هن چيو ته دنيا جا سيڙپڪار پاڪستان ڏانهن ڏسي رهيا آهن، پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هڪ ارب ڊالر سيڙپڪاري ٿي، هن چيو ته نان ٽيڪس روينيو ۾ واڌ ٿي، حڪومت جي خواهش آهي ته سيڙپڪاري وڌي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿين، ايڪسپورٽ ۾ واڌ لاءِ صنعتي شعبي کي بجلي ۽ گيس ۾ ٽيرف ڏئي رهيا آهيون، ملڪ ۾ اڏاوتي شعبي کي هٿي ڏئي رهيا آهيون، ايف بي آر جو ريفنڊ پروگرام آٽوميٽڪ آهي، حفيظ شيخ چيو ته تيل اسمن جي اگهن ۾ جيترو ٿي سگهيو گهٽتائي ڪئي، گذريل 5 مهينن ۾ تيل اسمن جون قيمتون گهٽايون ويون، هن چيو ته ڊيزل جي اگهه ۾ خاص گهٽتائي ٿي، هن وقت عام ماڻهو کي رليف ڏنو ويو آهي، 151 ارب رپيا غريب لاءِ رکيا، هن چيو ته اٽو، چانور، گيهه ۽ گنڊ ۾ سبسڊي لاءِ يوٽلٽي اسٽورز کي 6 ارب رپيا فراهم ڪيا، حفيظ شيخ چيو ته ٻيهر آءِ ايم ايف وٽ نه وڄڻو پوندو، هن حڪومت ۾ سمورا فيصلا ميرٽ ٿي رهيا آهن، سمورن ادارن کي مضبوط ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته شين جون قيمتون جيترو ٿي سگهي گهٽ ڪيون وڃن، تنهنڪري گذريل 5 مهينن ۾ پيٽرول جي قيمت نه وڌائي، حڪومت گيس ۽ بجلي تي سبسڊي فراهم ڪري رهي آهي، ايڪسپورٽ ڪندڙ سيڪٽر رليف ڏئي رهيا آهن، صنعتن کي وياج جي شرح تي 3 سئو ارب رپين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي، اڏاوتن جا ڪم وڌايا ويندا، 3 سئو ارب رپيا جا گهر ٺاهڻ لاءِ 30 ارب رپيا سبسڊي ڏني ويندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *