ڪارساز سانحو عالمي تاريخ جو وڏو سانحو آهي: قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه آچر جي شام ڪارساز شهيدن جي يادگار تي پهچي گل چاڙهيا ۽ دعا ڪئي سنڌ جي وڏي وزير جو معاون خاص وقار مهدي، راشد رباني، صديق ابوڀائي قادر پٽيل ۽ ٻيا ان سان گڏ هئا ان موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڪارساز جو واقعو نه صرف ملڪي پر عالمي تاريخ جو به هڪ وڏو سانحو آهي جنهن جو مثال ڪٿي به نٿو ملي اڄ اسان انهن شهيدن کي سلام پيش ڪرڻ ۽ دعا لاءِ شهيدن جي يادگار تي آيآهيون هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽِ جي تاريخ شهادتن قربانين ۽ جدوجهد سان رقم آهي پ پ جي قيادت ۽ ڪارڪنن لازوال ۽ بي مثال قربانيون پيش ڪيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *