ڪاجل کي نئين فلم جي تياري دوران ڏکيائون، ڊائريڪٽر پريشان ٿي ويو

 

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ جي چاڪليٽي اداڪارا ڪاجل کي نئين فلم جي تياري دوران ڏکيائون پيش اچڻ لڳيون جنهن سبب ڊائريڪٽر پريشان ٿي ويو. بالي ووڊ تي ڪيترائي سال راڄ ڪندڙ اداڪارا جي 5 سالن بعد فلم انڊسٽري ۾ واپسي ٿي آهي ۽ هو پنهنجي نئين فلم تنهائي جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي شوٽنگ دوران ڪيترن ئي شاٽس ۾ کيس پريشاني کي منهن ڏيئڻو پئجي ويو جنهن سبب فلم جي هدايتڪار ۽ پروڊيوسر سميت پوري ٽيم پريشان ٿي وئي. ان حوالي سان هڪ انٽرويو ڏيندي ڪاجل جو چوڻ هو ته فلم انڊسٽري کان پري رهڻ سبب سکڻ جو موقعو نه ملي سگهيو آهي، ڪافي شيون وسري ويون آهن. هن چيو ته 5 سالن دوران گهڻو ڪجهه تبديل ٿي چڪو آهي، انڊسٽري ۾ نئين ٽيڪنالاجي ۽ نوان طريقا ميدان ۾ اچي ويا آهن انڪري ٿوري ڏکيائي پيش پئي اچي. هن چيو ته منهنجي لاءِ اهڙو مسئلو ناهي جلد فارم ۾ اچي وينديس.ڪوشش ڪري رهي آهيان ته بهتر کان بهتر ڪم ڪريان مداحن کي مايوس نه ڪنديس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *