ڪاجل اگروال”دو لفظون ڪي ڪهاني“ ۾ انڌي ڇوڪري جو ڪردار ڪندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪاجل اگروال پنهنجي ايندڙ فلم ”دو لفظون ڪي ڪهاني“ ۾ هڪ انڌي ڇوڪري جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جنهن کي حقيقي رنگ ڏيڻ لاءِ هن نه رڳو هيلن ڪيلر جا ڪتاب پڙهيا آهن پر اکين جي نور کان محروم ماڻهن جي مرڪز ۾ به وڏو وقت گذاريو آهي، هڪ انٽرويو ۾ ڪاجل ٻڌايو ته ڄاڻايل مرڪز ۾ وڃي مونکي اکين جي نور کان محروم ماڻهن جي زندگي،رهڻي ڪهڻي، ڏهاڙي جي سرگرمين ۽ مسئلن بابت وڏي ڄاڻ ملي، هن ٻڌايو ته ان مرڪز ۾ مونکي نور کان محروم ماڻهن جي استعمال ۾ ايندڙ شين بابت ٻڌايو ۽ سيکاريو ويو، جن ۾ خاص ڪمپيوٽر، آڊيو مشينون، مائڪروويوز، گهڙيون ۽ سيل فون شامل آهن، ڪاجل ٻڌايو ته مونکي ڇڙي جي مدد سان هلڻ به سيکاريو ويو، جنهن دوران منهنجون اکيون بند هيون ته جيئن مان حقيقي انڌي نظر اچان، هن چيو ته مونکي پنهنجي اکين جي چرپر تي به ڪنٽرول رکڻو پيو، اهو ڏکيو ڪم هو، ڇو ته مان وڏي چرپر واري ڇوڪري آهيان.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *