ڪابينا ٽٽي وئي، نواز شريف طرفان وزيراعظم جو عهدو ڇڏڻ جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) نون ليگ چيو آهي ته محمد نوازشريف بطور وزيراعظم پنهنجي ذميوارن کان فارغ ٿي ويو آهي. پٽيشن داخل ڪرڻ کان وٺي فيصلي تائين مختلف مرحلن تي سخت خدشن باوجود ان فيصلي تي عملدرآمد  ڪيو ويندو، فيصلي جي باري ۾ پنهنجي سخت خدشن جي حوالي سان سمورا آئيني ۽ قانوني آپشن استعمال ڪيا ويندا،. منصفاڻي ٽريل جي آئيني ۽ قانوني تقاضا بري طرح پامال ڪياويا ، اسان سان ناانصافي ٿي آهي. ان فيصلي تي تاريخ جو فيصلو ئي اصل فيصلو هوندو، انشاءَ الله محمد نوازشريف الله ۽ عوام جي عدالت ۾ سرخرو ٿيندو. جمعي تي پاڪستان مسلم ليگ نون جي ترجمان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل جو اظهار ڪندي چيو ته پٽيشن داخل ڪرڻ سان فيصلي تائين مختلف مرحلن تي سخت خدشن جي باوجود ان فيصلي تي عملدرآمد ڪيو ويندو. فيصلي کان پوءِ نوازشريف بطور وزيراعظم پنهنجي ذميوارن کان فارغ ٿي ويو آهي. هن چيو ته عدالتي عمل دوران اهڙا مثال قائم ڪيا آهن جنهنجو ماضيءَ جي ستر سالن جي تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. وزيراعظم نوازشريف جي وڃڻ کانپوءِ وفاقي ڪابينا به ٽٽي وئي. جمعي تي سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس جي فيصلي کانپوءِ وزيراعظم نوازشريف کي عهدي تان فارغ ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ ڪابينا به ٽٽي وئي انکان اڳ نون ليگ جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته پٽيشن داخل ڪرڻ جي فيصلي تائين مختلف مرحلن تي سخت خدشا هيا، خدشن جي باوجود فيصلي تي عمل ٿيندو. اليڪشن ڪميشن  پاران نوازشريف جي رڪنيت معطل ٿيڻ جو نوٽفڪيشن جاري رٿيڻ کانپوءِ صدر ممنون حسين نئين قائدايوان جي چونڊ لاءِ اسيمبلي جو اجلاس گھرائيندو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ نوازشريف هاڻي پنهنجي پارٽيءَ جو صدر به ٿو رهي سگھي. پوليٽيڪل پارٽيز آرڊر 2002 جي تحت اسيمبلي رڪنيت مان نااهل ٿيندڙ شخص پارٽيءَ جو عهدو رکڻ جي به اهل نه هوندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *