ڪابينا ٺاهڻ ۽ ان ۾ ڦيرڦار جو اختيار صرف مون وٽ آهي: قائم علي شاهه

خيرپور(ڊ ر) ڪجهه وزيرن کي هٽائڻ لاءِ ڪنهن به اداري جو دٻاءُ ناهي، ڪابينا ٺاهڻ ۽ ان ۾ ڦيرڦار جو اختيار صرف مون وٽ آهي: وڏي وزير قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت بهتر نموني ڪم ڪري رهي آهي، عوام جي خدمت

ڪرڻ سبب اسان خلاف پروپيگنڊه ڪئي پئي وڃي.سنڌ سرڪار خلاف واويلا جو مقصد سندن ڪارڪردگي تان ڌيان هٽائڻ آهي.ٻٻرلوءِ ۾ وڪيل امير حيدر شاهه جي قتل تي سندس وارثن سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته ڪنهن به کاتي ۾ ڪرپشن برداشت نه ڪئي ويندي، هن جي سمورن کاتن تي نظر آهي، سنڌ حڪومت جو ڪم بهتر نموني سان هلي رهيو آهي.وڏي وزير چيو ته پ پ حڪومت عوام جي خدمت ڪري رهي آهي، ان ڪري سندن خلاف اجائي واويلا ڪئي پئي وڃي.سيد قائم علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت تي واويلا ان ڪري ڪئي پئي وڃي ته جئين هو ڪم نه ڪري سگهن.وڏي وزير سيد قائم علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت تي وزيرن کي هٽائڻ جي حوالي سان ڪنهن به اداري جو دٻاءُ ناهي، ڪابينا ۾ ڦيرڦار ڪرڻ جا اختيار وٽس آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *