کاتي مان 103 گوسڙو ملازمن کي ڪڍي ڇڏيو، 10 ملازم ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث هئا: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات کاتي واري وزيرشرجيل انعام ميمڻ جي نگراني ۾اڱاري ڏينهن به ڪورنگي ضلعي ۾ قائم هڪ درجن کان وڌيڪ غير قانوني  سرڪاري زمينن ۽راندين جي ميدانن تي اڏيل شادي هالن کي پٽ ڪيو ويو، جڏهن ته پارڪ جي جڳهه تي قائم غيرقانوني منرل واٽر جي فيڪٽري تي ڇاپو هڻي ان کي به ڊاٿو ويو. صوبائي وزير ان موقعي تي ان عزم کي ورجايو ته سڄي صوبي ۾ سرڪاري زمينن، فلاحي پلاٽن، راندين جي ميدانن ۽ پارڪن تي ڪنهن به قسم جي اڏيل غيرقانوني عمارتن کي قائم نه رهڻ ڏينداسين ۽ انهن جي خاتمي تائين هن مهم کي جاري رکيو ويندو. هن چيو ته اهڙا اطلاع به آهن ته انهن شادي هالن جي آمدني مان ڏوهاري ۽ دهشتگرد فائدو حاصل ڪري رهيا آهن ۽ ان آمدني کي هو دهشتگردي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن. بلديات کاتي ۾ هزارين گوسڙو ملازمن جي خلاف ايڪشن کڻڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي ۽ 10 کان وڌيڪ اهڙن ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو آهي، جيڪي ڏوهاري هئا ۽ کين اسان جي رينجرز ۽ پوليس گرفتار به ڪري ورتو آهي. اسان غيرقانوني قبضن ۽ گوسڙو ملازمن خلاف جهاد جو آغاز ڪيو آهي ۽ اهو جهاد انهن جي خاتمي تائين جاري رهندو. خبر مطابق سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ 23 فيبروري 2015 کان جاري صاف، سرسبز ، پرامن سنڌ مهم جي ٻئي مرحلي ۾ ڪراچي ۾ راندين جي ميدانن، پارڪن ۽ رفاحي ۽ فلاحي پلاٽن تي قائم غيرقانوني شادي هالن ۽ ٻين قبضن جي خاتمي لاءِ اڱاري تي ضلعي ڪورنگي ۾ ڪورنگي نمبر ڏيڍ، چار ۽ ساڍا پنج نمبر ۾ قائم هڪ درجن کان وڌيڪ غيرقانوني شادي هالن ۽ انهن سان گڏ ئي قائم هڪ غيرقانوني منرل واٽر فيڪٽري کي پنهنجي نگراني ۾ مسمار ڪرايو ۽ ان ۾ موجود سموري سامان کي ضبط ڪرڻ جا حڪم ڏنا. ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ثاقب سومرو، ڪمشنر ڪراچي شعيب احمد صديقي، ميٽروپوليٽن ڪمشنر ڪراچي مسعود عالم، ڊي سي ڪورنگي آصف جان صديقي، ايڊمنسٽريٽر ڪورنگي عبدالراشد، ميونسپل ڪمشنر ڪورنگي مسرور ميمڻ، ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ روبينه آصف ۽ ٻيا به ساڻس گڏ هئا. صوبائي وزير ڪورنگي ڏيڍ نمبر جي علائقي جي اندرين حصي ۾ راندين جي ميدان ۾ قائم 4 شادي هالن ۽ انهن سان لڳ هڪ غير معياري منرل واٽر  فيڪٽري کي مسمار ڪرايو ۽ ڪورنگي نمبر 4 تي راندين جي ميدان ۾ قائم 6 شادي هالن جڏهن ته ڪورنگي نمبر 5 تي ٻارن جي پارڪن جي جاءِ تي قائم هڪ شادي هال ۽ ڪورنگي پوڻا 6 نمبر تي اسٽيڊيم لاءِ مختص زمين تي قائم 6 شادي لان کي به مسمار ڪرايو. ان موقعي تي علائقي جي رهواسين جي وڏي تعداد به ان ڪارروائي واري اطلاع تي اتي گڏ ٿي وئي ۽ هنن صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي ان ڪارروائي تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هاڻ هن شهر ۽ صوبي ۾ هڪ به غيرقانوني شادي هال نه رهڻ ڏنو ويندو ۽ جيستائين انهن جو خاتمو نه ڪري وٺندس سک سان نه ويهندس. هن چيو ته اهڙي به اطلاع آهي ته انهن غيرقانوني شادي هالن جي آمدني ۾ ڪجهه ڏوهارين ۽ دهشتگردن کي به حصو ڏنو ويندو هو ۽ هو ان غيرقانوني شادي هالن جي آمدني سان هن شهر، صوبي ۽ ملڪ ۾ دهشتگردي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هڪ طرف وزيراعليٰ سنڌ جي قيادت ۾ صوبي ۾ دهشتگردن، ڀتاخورن، ٽارگيٽ ڪلرز ۽ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي، جنهن ۾ اسان جي رينجرز، پوليس ۽ ٻيا امن امان جي بحالي وارا ادارا ڀرپور ۽ ڪامياب ڪارروايون ڪري رهيا آهن ۽ ٻي طرف اسان بلديات کاتي ۾ جتي سالن جو پراڻو گند آهي ان کي صاف ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهيون. هن چيو ته ڪراچي آپريشن ۽ بلديات کاتي وارو آپريشن ڪنهن به سياست جماعت يا ڪنهن فرد خلاف نه آهي بلڪ اهو انهن ماڻهن خلاف آهي، جيڪي هن شهر، صوبي ۽ ملڪ جي امن لاءِ خطرو بڻجي چڪا آهن. هن چيو ته بلديات کاتي سان وابسته اهڙا 10 ڏوهاري ماڻهن کي اسان جي فورسز گرفتار ڪيو آهي، جيڪي ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتاخوري ۾ ملوث هئا ۽ اسان انهن سميت وڌيڪ 103 اهڙن ماڻهن کي نوڪريون مان ڪڍي ڇڏيو آهي، جيڪي هن ادارن ۾ گوسڙو ملازم هئا. هن چيو ته بلديات کاتي جي  انتظام هيٺ ڪي ايم سي، واٽر بورڊ ۽ ٻين ادارن ۾ هزارن جي تعداد ۾ گوسڙو ملازم آهن ۽ انهن سمورن جي فهرست تيار ڪرڻ جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ جلد ئي انهن سمورن گوسڙو ملازمن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کين نوڪريون مان فارغ ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هن آپريشن جو مقصد صرف ۽ صرف هن شهر ۽ صوبي جي عوام کي سک جو ساهه فراهم ڪرڻ آهي ۽ انهن تي قائم خوف جي پاڇولي کي هميشه لاءِ ختم ڪري انهن کي روشنين جو شهر واپس ڪرڻو آهي. هن چيو ته اڄ به هڪ شادي هال کي مسمار ڪرڻ جي موقعي تي هڪ هيٺين سطح جي عدالت پاران ان غيرقانوني شادي هال کي اسٽي آرڊر هڪ ڏينهن اڳ ڏنو ويو آهي جيڪو قانونن ان عدالت جي دائره اختيار ۾ ئي ناهي ۽ سپريم ڪورٽ پاران واضح فيصلو ٿي چڪو هجي ته ڪنهن به سرڪاري، رفاحي ۽ فلاحي، راند جي ميدان ۽ پارڪن تي ڪنهن قسم جو ڪوبه قبضو نه ٿو ڪري سگهجي. ته پوءِ ڪهڙي طرح ان کي حڪم امتناعي ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ اسان اعليٰ عدالت کي به گذارش ڪنداسين ته هو پنهنجي ماتحت عدالتن کي ان حوالي سان تنبيهه ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪجهه رفاحي ۽ فلاحي زمينن تي ناجائز اڏاوت ڪري اتي وڏا وڏا پلازا به ٺاهيا ويا آهن ۽ ان سلسلي ۾ اسان قانوني ماهرن کان راءِ وٺي رهيا آهيون ته انهن پلازن کي ڪهڙي طرح مسمار ڪرايو وڃي ۽ انهن ۾ رهندڙن کي ڪهڙي طرح ٻين جاين تي منتقل ڪيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته غيرقانوني شادي هالن ۽ قبضن جي خاتمي جي ذميواري لاڳاپيل ضلعي جي ذميوار آفيسرن جي هوندي آهي، پر ان سان گڏ ڪجهه مجبوريون آهن ۽ هو چاهين ٿا ته آئون پاڻ اچي ان آپريشن جي نگراني ڪريان ته منهنجو به اهو فرض آهي ته آئون ان جو ڀرپور ساٿ ڏيان. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته انهن غيرقانوني شادي هالن ۽ ٻين قبضن کي قائم ڪرڻ ۾ ماضي ۾ ٽائون ۽ يوسي ناظمن جو وڏو هٿ رهيو آهي ۽ انهن پنهنجن اختيارن سان قبضا ڪري سرڪاري زمينن ۽ ٻين راندين جي ميدانن ۽ پارڪن کي ان جي اصل مقصد بجاءِ ٻين مقصدن لاءِ الاٽ ڪيو ۽ اها انهن هن شهر جي عوام خاص ڪري هتان جي ٻارن ۽ نوجوانن سان وڏي زيادتي ڪئي آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪنهن به سياسي ۽ مذهبي جماعت کي به اهو اختيار حاصل نه آهي ته هو سرڪاري زمينن تي قبضا ڪري اتي آفيسون قائم ڪري ان لاءِ آئون انهن کي به گذارش ڪريان ٿو ته هو فوري طور تي پنهنجون آفيسون ختم ڪن ٻي صورت ۾ انهن کي به مسمار ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *