کاتي مان گوسڙو ملازم ختم ڪندس يا پاڻ ختم ٿيندس، شرجيل ميمڻ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ صوبي کي صاف سٿرو ۽ پرامن بڻائڻ واري ارادي سان اڄ کان جنهن مهم جي شروعات ڪئي پئي وڃي اها مهم هڪ سال تائين جاري رکي ويندي. هاڻ بلديات کاتي ۾ ڪنهن به گوسڙو ملازم کي برداشت نه ڪيو ويندو ۽ انهن جي خاتمي تي ئي ساهه پٽيندس. ڪمشنر ڪراچي جي سربراهي ۾ مانيٽرنگ ٽيم جوڙي وئي آهي ۽ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي تي ڪنهن کي معاف نه ڪيو ويندو. مهم صرف صفائي تائين ئي محدود نه رهندي بلڪ ان دوران غيرقانوني بل بورڊز، قبضن جو خاتمو ۽ ڪراچي سميت پوري سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ وڻڪاري مهم به سال تائين جاري رکي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي جي قديمي علائقي پاڪستان چوڪ تي پاڻ ٻهارو ڏئي مهم جي شروعات ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ڪمشنر ڪراچي شعيب احمد صديقي، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جي صدر ميونسپل ڪمشنر ڪراچي مسعود عالم، ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ سليم راجپوت، ايڊمنسٽريٽر سائوٿ افضال زيدي، ميونسپل ڪمشنر سائوٿ محمد رئيسي، اي سي سائوٿ محمد عاصم کان علاوه ٻيا به ساڻس گڏ هئا. ان کان اڳ شرجيل ميمڻ سنڌ اسيمبلي ۾ ٻوٽو لڳائي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪئي. ان موقعي تي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني، سينيئر وزير تعليم نثار احمد کهڙو، ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن، فيصل سبزواري، ايم پي اي امداد پتافي، فياض ٻُٽ ۽ ٻيا به موجود هئا. صفائي مهم جي شروعات جي موقعي تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاڻ ٻهارو ڏئي رستي تي صفائي جي مهم جي شروعات ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عوام جي بنيادي مسئلن جي حل جي ذميواري اسان جي آهي ۽ اسان پنهنجي ان ذميواري کي پورو ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته صفائي سٿرائي جي ذريعي اسان پنهنجي شهر ۽ صوبي جي ماحول کي جتي آلودگي کان پاڪ ڪري سگهون ٿا اتي هن شهر ۽ صوبي ۾ ٻوٽو لڳائي اسان هن صوبي کي خوبصورت ۽ پرفضا به بڻائي سگهون ٿا ۽ ان سلسلي ۾ سمورن سياسي جماعتن سان گڏوگڏ سول سوسائٽي، اين جي اوز، ميڊيا ۽ خود عوام کي به پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته هي مهم هڪ هفتي لاءِ نه پر ايندڙ هڪ سال تائين جاري رهندي ۽ پهرين مرحلي ۾ صوبي ۾ 6 لک جڏهن صرف ڪراچي ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ٻوٽا شهر ۾ لڳايا پيا وڃن ۽ ان کان پوءِ ماهوار سمورن ضلعن ۾ هڪ هڪ لک ٻوٽا لڳايا ويندا. هن چيو ته هن مهم سان گڏوگڏ سمورا غيرقانوني بل بورڊز، پوري شهر ۾ قائم قبضن ۽ وال چاڪنگ جو به خاتمو ڪيو ويندو ۽ بغير ڪنهن فرق جي ان مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ اپاءٌ ورتا پيا وڃن. هن چيو ته هن مهم جي نگراني لاءِ ڪمشنر ڪراچي، جڏهن ته ٻين ضلعن ۾ ڊي سيز جي سربراهي ۾ مانيٽرنگ ٽيمون جوڙيون ويون آهن ۽ اهي نه صرف صفائي سٿرائي ۽ قبضن جي خاتمي لاءِ تعلقي ۽ ٽائونز سطح تي ورتل اپائن جي نگراني ڪندا بلڪ ڪنهن به شڪايت جي صورت ۾ لاڳاپيل ايڊمنسٽريٽر، ميونسپل ڪمشنر يا ٽائون ميونسپل ڪمشنرز خلاف ڪارروائي ۽ کين اتان هٽائڻ لاءِ به مجاز هوندا. هن چيو ته ڪراچي سميت پوري سنڌ جي عوام ۽ خاص ڪري ميڊيا کي ان مهم کي اوون ڪرڻو پوندو ۽ ميڊيا مالڪ جتي جتي اسان جي ڪوتاهيون هجن اتي ضرور نشاندهي ڪن ۽ جتي جتي ڪم ٿي رهيو آهي ان کي به هاءِ لائٽ ڪن. هن ميڊيا کي گذارش ڪئي ته هو 24 ڪلاڪن ۾ صرف 5 منٽ هن صوبي جي عوام ۾ شعور کي اجاگر ڪرڻ ۽ کين صفائي سٿرائي، وڻڪاري سميت ٻين مسئلن جي آگاهي لاءِ خصوصي پروگرام نشر ڪن. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هن مهم کي وڌ کان وڌ ڪامياب بڻائڻ جي حوالي سان اسان سول سوسائٽي، تاجرن، صنتعڪارن، رانديگرن، فنڪارن سميت سمورن شعبن سان تعلق رکندڙن سان رابطا شروع ڪري ڏنا آهن ۽ خاص ڪري اسان جي تعليمي ادارن ۾ به ان مهم جي شروعات ڪئي پئي وڃي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان کي سڀ کان وڌيڪ مشڪلاتون گوسڙو ملازمن سبب پيش اچي رهيون آهن ۽ ان سلسلي ۾ هاڻ سخت فيصلا ڪيا ويا آهن ۽ ان ڳالهه جو هتمي فيصلو ڪيو ويو آهي ته يا ته اهي گوسڙو ملازم ختم ٿي ويندا ورنه آئون پاڻ ان وزارت کي ڇڏي ڏيندس. هن چيو ته هاڻ جيڪو به سرڪاري ملازم ڪم نه ڪندو يا پنهنجي ڊيوٽي تي نه ايندو اهو سرڪاري ملازم نه رهندو ۽ نه ئي سرڪار اهڙن گوسڙون ملازمن کي پگهارون ڏيندي ۽ ان سلسلي ۾ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کي سمورا اختيار ڏنا ويا آهن ته هو سياسي يا ڪنهن ٻي دٻاءُ کان اچڻ کانسواءِ خلاف ڪارروائي ڪري. هن چيو ته اسان جي جذبي ۽ نيت کي ڏٺو وڃي ۽ عوام به اسان جي جذبي ۽ نيت کي ڏسندي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ۽ هن شهر ۽ صوبي کي صاف سٿرو بڻائيندي هتي خوبصورتي لاءِ اسان جو ساٿ ڏنو وڃي، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هو روزانو جي بنياد تي ان مهم ۾ شامل هوندو ۽ ڪنهن به ڪوتاهي تي لاڳاپيل ذميوار آفيسر کي ڪنهن صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *