ڦري ويل ميمبرن خلاف ريفرنس لاءِ نه پر آرٽيڪل 63 جي تشريح آئنده نسلن لاءِ ڪرڻي آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد(م.ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ داخل  صدارتي ريفرنس تي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هڪ ڳالهه واضح ٿيڻ گهرجي ته پاڻمرادي نوٽيس جو اختيار ڪنهن جي مرضي سان استعمال ناهي ٿيندو، ججز تي ٻڌل بينچز چيف جسٽس کان درخواست ڪنديون آهن ۽ پوءِ پاڻمرادو نوٽيس ورتو ويندو آهي، جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ بابت 12 ججز چيو ته آئيني مامرو آهي، تڏهن پاڻمرادو نوٽيس ورتو، تنقيد باوجود مسڪراهٽ سان سڀني کي ٻڌنداسين، تحريڪ انصاف جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته عدالت جو احترام آهي، جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڪاش! اهو ادب ۽ احترام عام ماڻهن ۾ به پکيڙيو ها، جنهن تي بابر اعواڻ چيو ته اِن ڪم لاءِ سڌ سماءَ واري وزارت آهي، جسٽس جمال مندو خيل چيو ته ماڻهن کي اِهو به ٻڌايو ته عدالتون رات جو به کلنديون آهن، بلوچستان هاءِ ڪورٽ رات اڍائي وڳي کلي هئي, چيف جسٽس ريمارڪس ڌنا ته جيتري وڻي تنقيد ڪريو، آئين جو دفاع ڪندا رهنداسين، جيڪڏهن پنهنجي پارٽي خلاف وڃڻ ضمير آهي ته به استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، اسان کي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح ايندڙ نسلن لاءِ ڪرڻي آهي، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته پي ٽي آءِ جي ڦري ويل ميمبرن خلاف جيڪو ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي، اسان کي اُن جي پرواهه ناهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *