ڏڪاريل ڏيهه ٿر تي موت جو قبضو برقرار، وڌيڪ 4 ٻار فوت

ٿرپارڪر (نمائندو) ڏڪاريل ڏيهه ٿر تي موت جو قبضو برقرار آهي، گذريل ڏينهن وڌيڪ 4 معصوم ٻارڙن کان حياتيون کسجي ويون،جنهن بعد 56 ڏينهن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي هڪ سئو 41 ٿي ويو آهي. مٺيءَ جي سول اسپتال ۾ 15 ڏينهن جو معشوق علي علاج جي بهتر سهولت نه ملڻ ڪري فوت ٿي ويو. ڇاڇري جي ڳوٺ ڪڪراريو ۾ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار 18 مهينن جي ٻار راشد علي پساهه پورا ڪيا. مٺي مان ريفر ڪيل 8 ڏينهن جو ٻارڙو راشد علي بجير حيدرآباد ۾ فوت ٿي ويو. سنڌ سرڪار هر نئين ڏينهن ٿر ۾ ڏڪار متاثرن کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جون دعوائون ته ڪري رهي آهي پر روزانو مرندڙ معصوم ٻارڙا حڪومت جي اهڙين دعوائن کي ڪوڙو ثابت ڪري رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *