ڏڪاريل ٿر ۾ ٻارڙن جي موت تي ضابطو اچي نه سگهيو، خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 7 مائرن جون جهوليون خالي

مٺي (م.ڊ) ڏڪاريل ٿر ۾ ٻارڙن جي موت تي ضابطو اچي نه سگهيو، خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ ست مائرن جون جهوليون خالي ٿي ويون. مٺي سول اسپتال ۽ ڇاڇرو جي اسپتالن ۾ دوائن سميت سمورين سهولتن جي کوٽ سبب وڌيڪ ست ٻارڙا فوت ٿي ويا. جن ۾ ٻه ورهين جو مهتاب پٽ آفتاب، هڪ مهيني جي ڪريمان ڌيءَ قربان، 9 مهينن جو ديوان پٽ پرکو ۽ ٽن ورهين جو صداقت پٽ قائم هڱورجو فوت ٿي ويا، بابو، دودو سومرو ۽ رام جي جي تازن ڄاول ٻارڙن پڻ دم ڏنو. هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 38 ٿي ويو ۽ هلندڙ سال فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 367ٿي ويو. هڪ سئو جي لڳ ڀڳ ٻارڙن جو علاج جاري آهي، دوائن ۽ سهولتن جي اڻهوند سبب اسپتال ۾ داخل ٻارڙن جا والدين شديد مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *