ڏڪاريل ٿر جي ڌرتي تان مصيبتون نه ٽريون، وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت

ٿرپارڪر(رپورٽر) ڏڪاريل ٿر جي ڌرتي تان مصيبتون نه ٽريون، خوراڪ جي کوٽ ۽ دوائون نه هئڻ ڪري ڇاڇري ۾ هڪ معصوم ٻارڙي فوت ٿي وئي، جڏهن ته مٺي سول اسپتال ۾ تازو ڄاول ٻار فوت ٿي ويو، 79 ڏينهن ۾ فوتين جو انگ 251 ٿي ويو آهي… ڇاڇري جي ڳوٺ ڍاڪلو ۾ ڏيڍ مهيني جي سيتا ميگهواڙ خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿي وئي آهي. مٺي جي سول اسپتال ۾ محمد هنڱورجو جو نئون گلن جهڙو تازو ڄاول ٻار فوت ٿي ويو آهي. وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت ٿيڻ کانپوءِ 79 ڏينهن دوران فوت ٿي ويلن ٻارڙن جو انگ وڌي 251 ٿي ويو آهي. ٿر ۾ حڪومتي بي حسي سبب انساني جانين جو ضايع ٿيڻ روز جو معمول بڻجي چڪو آهي، پر حڪومت توڙي ضلعي انتظاميا ٿر متاثرن جي واهر لاءِ نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي. روزانو ٻارڙا فوت ٿيڻ سبب ٿر ۾ سوڳ وارو ماحول پکڙيل آهي، هر طرف جنازا کڄي رهيا آهن، پر انتظاميا معصوم انساني جانيون بچائڻ لاءِ تحرڪ نه ورتو جنهن سبب فوتي ٻارڙن جو انگ تيزي سان وڌي رهيو آهي. متاثر ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو آهي ته ٿر ڏڪار جو نوٽيس وٺي سندن مشڪلون حل ڪيون وڃن…..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *