ڏکڻ پنجاب جي حصي جو پئسو لاهور تي خرچ ٿي رهيو آهي: عمران خان

 

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چئرمين عمران خان چيو آهي ته سرڪاري خزاني کي بادشاهن جيان استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري ڏکڻ پنجاب جي حصي جو سمورو پئسو به لاهور ۾ خرچ ٿي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ملڪ ۾ وسيلن جي ورهاست ناانصافي تي ٻڌل آهي، سمورا فيصلا شريف ڀائر ڪندا آهن، هن چيو ته صفورا سانحو آرمي پبلڪ اسڪول کان پوءِ ٻيو ڏکوئيندڙ واقعو آهي، جنهن پوري ملڪ کي لوڏي ڇڏيو آهي، ڪراچي ۾ رينجرز گهڻي وقت تائين امن قائم نٿي ڪري سگهي. جيستائين سياسي پارٽيون پنهنجن ماڻهن کي ڀرتي ڪرائينديون تيستائين ڪراچي جا مسئلا ڪڏهن به حل نه ٿيندا، ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پوليس کي غير سياسي ڪرڻو پوندو ۽ ميرٽ تي پوليس وارن کي آڻڻو پوندو. عمران خان چيو ته کيس پاڪ چين اقتصادي راهداري تي وڌيڪ وضاحت جي ضرورت آهي، ان معاملي ۾ حڪومت جو پنهنجو موقف واضع ناهي. جيڪڏهن هو وزيراعظم هجي ها ته گوادر کان چين جو سڀ کان ننڍي رست تي روڊ ٺاهي ها ۽ اهو علائقو ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ پوئتي پيل حصو آهي، ان سان ملڪ ۾ غربت جي خاتمي ۾ مدد ملندي ۽ وڏن شهرن جي آبادي جي وهڪري تي به ضابطو  آڻي سگهجي ٿو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *