ڏکڻ افريڪا جو انگلينڊ خلاف آخري ٻن ٽيسٽ ميچن ۽ ون ڊي سيريز لاءِ ٽيمن جو اعلان

جوهانسبرگ(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ افريڪا انگلينڊ خلاف سيريز جي آخري ٻن ٽيسٽ ميچن ۽ ون ڊي سيريز لاءِ ٽيمن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ٽيسٽ ٽيم ۾ ڪا تبديلي نه ڪئي وئي، هاشم آمله جي استعيفيٰ ڏيڻ کان پوءِ اي بي ڊي وليئرز ٽيسٽ سيريز جي باقي ٻن ميچن ۾ ڪپتاني جو فرض ادا ڪندو جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ ڪائل ايبٽم هاشم آمله، تيمبا بوما، ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ، جي پي ڊومني، فاف ڊوپليسي، ڊين ايلگر، مورني مورڪل، ڪرس مورس، ڊين پيڊٽ، ڪاگيسور بادا، رلي روسو. ڊيل اسٽين، اسٽيان وان زيل ۽ هارڊس ولجن شامل آهن. ڏکڻ افريڪا ۽ انگلينڊ وچ ۾ سيريز جي ٽئين ٽيسٽ 14 کان 18 جنوري تائين جوهانسبرگ جڏهن ته چوٿين ۽ آخري ٽيسٽ 22 کان 26 جنوري تائين سينچورين ۾ کيڏي ويندي ،ان کان پوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنج ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي جنهن لاءِ ڏکڻ افريڪا 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اي بي ڊي وليئرز ٽيم جي قيادت جو فرض ادا ڪندو جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ ڪائل ايبٽ، هاشم آمله، فرحان بهاردين، ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ، جي پي ڊومني، فاف ڊوپليسي، عمران طاهر، ڊيوڊ ملر، مورني مورڪل، ڪرس مورس، ڪاگيسور بادا، رلي روسو ۽ ڊيل اسٽين شامل آهن. ون ڊي سيريز جي شوعات 3 فيبروري کان ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *