ڏکڻ آفريڪا خلاف ڪاميابيءَ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي: اليسٽر ڪُڪ

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اليسٽر ڪُڪ چيو آهي ته ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابيءَ لاءِ اسان کي ٽنهي شعبن ۾ سخت محنت ڪرڻي پوندي. ٻي ميچ ۾ شڪست باوجود حوصلا بلند آهن، مهمان ٽيم خلاف حڪمت عملي سان ميدان تي لهي سيريز ۾ شاندار ڪم بيڪ ڪنداسين. پنهنجي انٽرويو ۾ اليسٽر ڪُڪ جو چوڻ هو ته اسان هاڻوڪي ڪامبينيشن سان دنيا جي ڪنهن به ٽيم کي هارائڻ جي صلاحيت رکون ٿا. ڏکڻ آفريڪا هٿان ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست تي مايوسي ٿي پر ان کي وساري ايندڙ ميچ ۾ حڪمت عملي سان ميدان تي لهنداسين. اسان جي ڪوشش هوندي ته ڪيل غلطيون نه ورجايون. هن وڌيڪ چيو ته ڏکڻ آفريڪي ٽيم مضبوط آهي، ان خلاف ڪاميابي لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي. واضح رهي ته انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽين ٽيسٽ ميچ 27 جولاءِ کان اوول، لنڊن ۾ شروع ٿيندي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *