
ڊربن (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا آسٽريليا کي ٽئين هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ مات ڏئي 5 ميچن تي ٻڌل سيريز 0-3 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. ڊربن جي ڪنگز ميڊ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ مهمان آسٽريليا پهريان بيٽنگ ڪندي ڏنل50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 371 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته پروٽيز ڊيوڊ ملر جي بنا آئوٽ ٿيڻ جي تيز سينچري سبب مليل هدف 6 وڪيٽن تي حاصل ڪري ورتو.