
جوهانسبرگ (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريقا ۽ آئرلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ واحد ون ڊي انٽرنيشنل سڀاڻي آچر تي کيڏي ويندي، ڏکڻ آفريقا ۽ آئرلينڊ وچ ۾ ميچ آءِ سي سي جو ايسوسي ايٽ ملڪن کي وڏين ٽيمن خلاف ميچونکيڏڻ جا موقعا ڏيڻ جي پروگرام جو حصو آهي، واضح رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ کيڏيل ون ڊي سيريز کان اڳ پاڪستان ۽ آئرلينڊ وچ ۾ 2 ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏي وئي هئي.