ڏکڻ آفريقا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ مان سينيئر ڊراپ، نوان چهرا شامل

لاهور (اسپورٽس نيوز) لاهور (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سينيئرن کي ڊراپ ڪري نون رانديگرن کي موقعو ڏنو ويو آهي. قومي ٽيم جي چيف سلڪيٽر لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڏکڻ آفريقا خلاف 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ 20 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو. پاڪستاني اسڪواڊ ۾ بابر اعظم (ڪپتان)، عامر يامين، عماد بٽ، آصف علي، دانش عزيز، فهيم اشرف، حيدر علي، حارث رئوف، حسن علي، حسين طلعت، افتخار احمد، خوشدل شاهه، محمد حسنين، محمد نواز، محمد رضوان، سرفراز احمد، شاهين آفريدي، عثمان قادر، ظفر گوهر ۽ زاهد محمود شامل آهن. ان موقعي تي محمد وسيم چيو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کي نظر ۾ رکندي سيريز لاءِ رانديگرن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، سڀني رانديگرن سٺو پرفارم ڪيو، اميد ته اهو تسلسل برقرار رکندا، رانديگرن جي ٽيم ۾ ڪردار کي ڏسندي سليڪشن ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڪجهه اهم شيون نوٽ ڪيون آهن، جن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاور پلي ۾ اٽيڪنگ ڪرڪيٽ کيڏندڙ ڇوڪرا گهرجن ۽ مڊل آرڊر ۾ ميچ فنش ڪندڙ بيٽسمينن جي ضرورت آهي، آل رائونڊرن تي به ڌيان ڏنو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته محمد حفيظ ٽي ٽين ليگ ۽ عماد وسيم گهرو مسئلن سبب ٽيم کي دستياب ناهي، شاداب خان کي انجري سبب نه چونڊيو ويو، جڏهن ته فخر زمان، عبدالله شفيق، وهاب رياض ۽ محمد موسيٰ کي ڊراپ ڪيو ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *