ڏکڻ آفريقا آسٽريليا کي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ هڪ اننگز ۽ 80 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي

هوبارٽ (اسپورٽس نيوزِ) ڏکڻ آفريقا آسٽريليا کي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ هڪ اننگز ۽ 80 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ڇڏي. پروٽيز بالرز جي شاندار بالنگ سبب ڪينگروز پنهنجي پهرين اننگز ۾ 85 رنسن تي آل آئوت ٿي ويا. ڏکڻ آفريقا جي ٽيم ميچ جي ٽئين ڏينهن پنهنجي پهرين اننگز ۾ 326 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ ميزبان ٽيم تي 241 رنسن جي سرسي حاصل ڪئي. ميچ جي چوٿين ڏينهن آسٽريليا کي پروٽيز جي پهرين اننگز جي 326 رنسن کي برابر ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 120 رنسون گهربل هيون پر پروٽيز بالرز آڏو ميزبان ٽيم جي بيتنگ لائن هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام ٿي وئي ۽ ان جي سموري ٽيم 161 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. ڪائل ايبٽ انتهائي شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي ميچ ۾ 9 وڪيٽون حاصل ڪيون، کيس شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *