ڏکيائين باوجود همت نه هاري، نوان فنڪار غيراخلاقي شاعري ڳائڻ کان پاسو ڪن: خوشبو لغاري

 

ميرپورخاص (شوبز نيوز) سنڌ جي مشهور فنڪارا خوشبو لغاري چيو آهي ته سنڌ جي فنڪارن کي گھرجي ته اهي ولگر قسم واري غير معياري شاعري ڳائڻ کان پاسو ڪن. سنڌ امن، محبت ۽ پيار جي ڌرتي آهي، سنڌ صوفي ازم وسيلي دنيا ۾ پيار جو پيغام ڏنو آهي، مونکي موسيقي سان پيارآهي، منهنجو والد يوسف لغاري شاعر آهي، سندس ساٿ سان فن جي دنيا ۾ اچي ويس. اهڙو اظهار هن ميرپورخاص ۾ راڳ جي سکيا لاءِ قائم ڪيل اڪيڊمي ۾ پنهجي اخبار کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. خوشبو لغاري چيو ته فن جي دنيا ۾ اچڻ دوران مونکي تمام گھڻين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. منهنجي ڳائڻ تي برادري جي ڪيترن ئي ماڻهن کي اعتراض هو، مونکي ڌمڪيون به ملنديون هيون پر منهنجي والد جي سهڪار سان راڳ جي سکيا حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس جنهن کانپوءِ محنت سان سنڌي، اردو، سرائيڪي، مارواڙي ۽ پنجابي ٻولين ۾ گيت ڳايا جن کي ٻڌندڙن وٽان ڀرپور موٽ ملي. مداحن طرفان موٽ ملڻ کانپوءِ ڌمڪيون ملڻ به بند ٿي ويون. فنڪارا جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪاميابي ماڻڻ لاءِ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ محنت سان ئي منزل ماڻي سگهجي ٿي. خوشبو لغاري پنهنجي شروعاتي ڏينهن بابت ٻڌايو ته پهريون ڀيرو ميرپورخاص ۾ جڏهن هن هڪ تقريب ۾ ڳايو ته ماڻهن جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا. اها هڪ سيمينار جي تقريب هئي جنهن دوران امن ۽ ڪاروڪاري بابت گيت ڳايو ۽ ماڻهن جي اکين ۾ لڙڪ ڏسي پريشان ٿي ويس. گيت پورو ڪرڻ تي پيءُ کان ان جو سبب پڇيم جنهن تي والد توڙي پروگرام ۾ موجود ماڻهن گيت جي ساراهه ڪئي جنهن سان منهنجي دل به خوش ٿي. فنڪارا چيو ته نون فنڪارن کي گھرجي ته هو راڳ جي سکيا وٺن ۽ محنت ڪن جنهن سان ڪاميابي سندن پير چمندي. فنڪارا 7 اگست 1996ع تي جنم ورتو، پرائمري تعليم ڳوٺ لُنڊوشريف ۾ حاصل ڪئي ۽ هو بي ايس سي جي شاگردياڻي آهي.ڪيم ۽ وڌيڪ تعليم ميرپورخاص مان حاصل ڪيم بي ايس سي ۾ پڙهي رهي آهيان .منهنجو هڪ ڀاءُ آهي ۽ ست ڀيڻون آهيون .منهنجي ننڍي ڀيڻ سونهن لغاري به فنڪارا آهي .خوشبو لغاري چيو ته مون شاعري به لکي آهي .هن چيو ته فنڪارن ۾ عابدا پروين کي گھڻو پسند ڪريان ٿي هن چيو ته اسان فنڪارن وٽ گھر ۾ کاڌو تيار ڪرڻ لاء وقت گھٽ هوندو آهي ۽ جڏنهن وقت ملندو آهي ته رڌ پچاء جو ڪم ڪري وٺندي آهيان .هن چيو ته ريڊيو ۽ ٽي وي تي کوڙ سارا گيت ڳايا آهن .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *