ڏياري تي ”سانڊ ڪي آنک“ رليز ٿيڻ اهم اڳڀرائي آهي: تاپسي

 

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪارا تاپسي پنو فلم سانڊ ڪي آنک ۾ مک ڪردار ادا ڪري رهي آهي. فلم بابت اداڪارا چيو آهي ته ڏياري جي موقعي تي فلم رليز ڪرڻ هڪ اهم اڳڀرائي آهي هن چيو ته ڏياري جي ڏڻ تي هميشه مرد اداڪارن جون فلمون رليز ٿينديون رهيون آهن. هن چيو ته اڄ ڪلهه عورتن بابت فلمون ڇانيل آهن ۽ مداح انهن کي سٺي موٽ ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته سانڊ ڪي انک فلم وڏي ڄمار وارين عورتن بابت ڪهاڻي آهي. هن چيو ته فلم پروڊيوسر پاران فلم کي ڏياري جي موقعي تي رليز ڪرڻ وارو فيصلو سٺو سنوڻ آهي. اداڪارا فلم جي مشهوري مهم ۾ پڻ رڌل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *