ڏوڪري ڀرسان رينجرز جو آپريشن، هڪ ڄڻو مارجي ويو، اهلڪار سميت 2 زخمي، 5 گرفتار

ڏوڪري(رپورٽر) ڏوڪري ويجهو باڊهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ منڌرا ۾ صبح سوير رينجرز اٽالن ڪڙو چاڙهي بشير جوڻيجو جي گهر تي چڙهائي ڪري سرچ آپريشن ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مرچ جوڻيجو، ممتاز جوڻيجو ۽ رينجرز اهلڪار زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو، جتيزخمن جا سور نه سهندي ممتاز جوڻيجو موقعي تي فوت ٿي ويو. ٻئي طرف رينجرز اهلڪارن طرفان سرچ آپريشن دوران 5 ڄڻن نياز علي جوڻيجو، آصف علي، نصرت علي، محرم علي ۽ هڪ نامعلوم کي مبينا هٿيارن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي. هوڏانهن صحافين جي ٽيم اڳيان بشير جوڻيجو جي گهر ڀاتين مسمات زبيده خاتون، سهڻي خاتون ۽ عمراه خاتون جي اڳواڻي ۾ عورتن ۽ معصوم ٻارن رينجرز آپريشن خلاف سخت احتجاج ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مسمات سهڻي خاتون چيو ته رينجرز اهلڪارن مخالفن جي چوڻ تي سندن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي. هنن الزام هڻندي چيو ته اهلڪارن سندن مردن تي پڪڙي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي. هنن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *