ڏوڪري لڳ گم ٿيل 4 سالا معصوم ٻار جو لاش ڳوٺ ٻاهران هٿ، گهر ۾ ڪهرام

ڏوڪري (رپورٽر) ڳوٺ بگي جو رهواسي گم ٿيل 4 سالا معصوم ٻار جو لاش ڳوٺ ٻاهران ڦٽل ناري مان مليو،گهر ۾ ڪهرام متل تفصيل موجب موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ بگي جو رهواسي 4 سالا معصوم ٻارڙو ايان علي پٽ رابيل ڪوري هڪ ڏينهن اڳ گم ٿي ويو هيو جنهن جو لاش پاڻيءَ جي ڦٽل ناري مان هٿ آيو آهي جڏھن ته ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ بگيءَ جو رهواسي رابيل ڪوريءَ جو 4 ورهين جو پٽ ايان گذريل ڏينهن راند کيڏڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪري ويو هيو ته هو واپس گهر نه آيو هوڏانهن وارثن پاران ڳولها ڪرڻ باوجود ٻارڙو هٿ نه آيو جڏھن ته گذريل ڏينهن نينگر کي ڳوٺ ٻاهران پاڻيءَ جي ڦٽل ناري ۾  نينگر جو لاش مليو جڏھن ته معصوم گل جهڙي معصوم نينگر جو لاش هٿ اچڻ بعد علائقي ۾ سوڳ واري حالت ڇائنجي وئي ھئي جڏھن ته ميڊيا کي وارثن ٻڌايو ته سندن اسان جي ڪنهن سان دشمني نه آهي ان ڪري هي واقعو اتفاقي ٿي سگهي ٿو.هوڏانهن نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا جڏھن ته هوڏانهن جنازي جي نماز ۾ علائقي واسي توڙي سماجي ماڻھن وڏي انگ ۾ نينگر جي جنازي جي نماز ۾ شرڪت ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *