
ڏوڪري (شوبز نيوز) ڏوڪري جي نوجوانن هڪ سنڌي فلم ٺاهي جرني ٽو جنگل ٺاهي آهي، جنهن ۾ مقصد هڪ خطرناڪ جهنگ ۾ وڃي اتي ريسرچ ڪري رهيا آهن، ته جهنگ جي صورتحال ۾ ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون . فلم جي ٺهڻ سان ڏوڪري تعلقي ۾ ڌام ڌوم سان فلم جي ڪاميابي جي ڌوم مچي وئي آهي . ان سلسلي ۾ فلم ٺاهيندڙ ڊائريڪٽر سهيل احمد پروڊيوسر شيراز حسين ميڊيا سان ڳالهائيند چيو ته هي فلم خوفناڪ ۽ سنسني خيز آهي ، جنهن ۾ صرف ۽ صرف مردن جي ڪردار آهي. جيڪا اسان مسلسل 6 مهينا ڪوششن باودجود ٺاهي تيار ڪئي آهي، هن چيو ته اسان اهو ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سنڌي نوجوان تعليم ۽ انٽرٽينمنٽ جي ميدان ۾ به شاندار آهن.