ڏوڪري؛گوسڙو ماسترن ۽ بند پيل پيل اسڪول کولرائڻ لاءِ ايس يو پي، جست ۽ شهرين طرفان مظاهرو، ڌرڻو

ڏوڪري(رپورٽر)ڏوڪري تعلقي جي گوسڙو ماسترن ۽ بند پيل پيل اسڪول کولرائڻ لاءِ ايس يو پي، جست ۽ شهرين طرفان سنڌ جي قديم ثقافتي ماڳ موهن جو دڙو تي صابر علي جروار ، ديشي شبير، ميڊم نسيم مغل، ڪامريڊ شبن جتوئي، الطاف ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي اسٽوپا اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سازش تحت سنڌ جي تعليم تباهه ڪري قوم کي اوندهه ۾ رکيو پيو وڃي. هنن چيو ته ڏوڪري تعلقي ۾ گوسڙو ماسترن ۽ ماسترياڻين جي وڌندڙ انگ ۽ بند پيل اسڪول سماج جي منهن کي چماٽ آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. هنن چيو ته گوسڙو ماستر مختلف ڪاروبار ۽ صحافت ۾ مشغول آهن، جنهن سبب معصوم ٻارن جون زندگيون تباهه ٿي رهيون آهن. اڳواڻن وڏي وزير، تعليم جي وزير ۽ سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو ته ڏوڪري تعلقي ۾ بند پيل اسڪول کولرائي گوسڙو ماسترن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ ڏوڪري شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *