ڏوهن ۾ ٻيھر واڌ جو سبب معاشي حالتون قرار، سياسي پارٽين کان تجويزون طلب

ڪراچي(م.ڊ)  سنڌ ۾ بلدياتي ادارن جي حوالي سان اهم فيصلا، سنڌڪابينا پراونشنل فنانس ڪميشن جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪميشن ۾ ڪي ايم سي ميئر، ٽائون ۽ يوسيز جا نمائندا شامل هوندا، سمورن ضلعي ۽ تعلقي هيڊڪوارٽرز کي ٽائون ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي،  ڪي ايم سي ميئر کي ڪي ڊي اي، ايم ڊي اي ۽ ايل ڊي اي جي گورننگ باڊيز جو ميمبر بڻائڻ جي به منظوري، ان سان لاڳاپيل ميئر يا چيئرمين ايڇ ڊي اي، سيوهڻ ۽ لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽيز جي گورننگ باڊيز جا ميمبر ٿي ويندا، ڪابينا ڪي ايم سي ميئر کي واٽر اينڊ،. مراد علي شاھ چيو آھي تھ ڪابينا ۾ منظور ٿيل بلدياتي ايڪٽ ۾ ترميمون اسيمبلي ۾ پيش ڪنداسين، ترميمن جي جائزي لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن ميمبرز تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ويندي، سمورين پارٽيز کي گذارش آهي ته تجويزون ڪميٽي اڳيان پيش ڪن، ميڊيا سان ڳالھائيندي وڏي وزيرمراد علي شاھ چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم وڌڻ تي ڳڻتي آهي، رڳو ڪراچي نه پر سڄي ملڪ ۾ معاشي حالتن سبب مسئلا آهن، هتي هر ملڪ جا ماڻهو رهن ٿا، اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث گهڻا ڏوهاري گرفتار ڪيا اٿئون، بي وس نه آهيون، انشاءَ الله ڪم ڪنداسين، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ وڌيڪ چيو ته ڪالاباغ ڊئم تي اتفاق راءِ جون ٻيهر ڳالهيون ٿي رهيون آهن،3 اسيمبليز ڊئم کي رد ڪري چڪيون آهن، اتفاق راءِ ڪيئن پيدا ٿيندو؟، ڪراچي ۾ وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائمز بابت اهم اجلاس، سنڌ جي وڏي وزير هڪ ڀيرو ٻيهر وڌندڙ ڏوهن جو سبب معاشي حالتن کي قرار ڏنو، مراد علي شاهه چيو ته کيس شهر ۾ امن امان ۽ اسٽريٽ ڪرائم تي افسوس آهي، اسٽريٽ ڪرائم کي روڪرائڻ لاءِ پوليس کان تجويزون طلب ڪيون آهن، هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان مان صوبن کي لڳ ڀڳ ٻاهر ڪڍيو ويو آهي، ايپڪس ڪميٽي 20 نقطن تي ٺاهي وئي هئي جنهن ۾ اسٽريٽ ڪرائم شامل نه هو. ان باوجود ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ اسٽريٽ ڪرائم تي غور ويچار ڪيو ويو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *