ڏهن سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي واپسي، سريلنڪا جي ٽيم اسلام آباد پهچي وئي

 

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) 10 سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي بحالي خوشخبري لاءِ سريلنڪا جو ٽيسٽ اسڪواڊ اسلام آباد پهچي ويو.سريلنڪن ٽيم دبئي ذريعي اسلام آباد ايئرپورٽ پهتي، جتي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي آفيشلز مهمانن رانديگرن جو شاندار استقبال ڪيو.سريلنڪن ڪپتان ڊيموتهه ڪرونا رتني جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي دوري لاءِ ان جي ٽيم پرجوش آهي ۽ پاڪستان کي ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾  ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جو پهريون ميچ 11 مارچ کان راولپنڊي ۾ کيڏيو ويندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽيسٽ ميچ 19 ڊسمبر تي ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *