ڏنڊ جي رقم هر صورت ۾ ڀرڻي پوندي، جيڪا قيد ڪاٽي ويندي آهي، اُها ڏنڊ نه ڀرڻ واري ڏوهه جي سزا هوندي آهي: سُپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ ڪرپشن جي ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪرپشن ڪيس جي جوابدار کي ڏنڊ جي رقم هر صورت ۾ ڀرڻي پوندي، جيڪا قيد ڪاٽي ويندي آهي، اُها ڏنڊ نه ڀرڻ واري ڏوهه جي سزا هوندي آهي. سُپريم ڪورٽ ۾ ڊي سي آفيس جي اڳوڻي ڪيشيئر ڪليم ڀٽي طرفان ڏنڊ بدران سزا ڪاٽڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت جوابدار کي ڏنڊ جي رقم ڏيڍ ڪروڙ رُپيا ڀرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ سُپريم ڪورٽ جي فيصلي کي نظر ۾ ناهي رکيو، ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جيڪا قيد ڪاٽي ويندي آهي، اُها ڏنڊ نه ڀرڻ واري ڏوهه جي سزا هوندي آهي. سزا ڪاٽڻ باوجود جوابدار کي هر صورت ۾ ڏنڊ ڀرڻو پوندو. جوابدار ڪليم ڀٽي عدالت کي آگاهه ڪيو ته هُن ڏنڊ جي بدلي 2 سال قيد ڪاٽي آهي، هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته توهان سزا ڪاٽي چڪا آهيو، هاڻ ڏنڊ نه ڀرڻو پوندو. جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ وضاحت ڪري چڪي آهي ته اُن سُپريم ڪورٽ جو فيصلو نه ڏٺو هو. جوابدار ڪليم ڀٽي چيو ته آئون 7 سال جيل ڪاٽي آيو آهيان، جنهن تي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه 7 سال جيل ڪاٽي آهي ته ڇا توهان جي ملڪيت حلال ٿي وئي؟ جيڪا ڪرپشن ڪئي آهي، اُهو پئسو واپس ڏيڻو پوندو. واضح رهي ته جوابدار اڳوڻي ڪيشيئر ڪليم ڀٽي تي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام هو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *