
لاهور (شوبز نيوز) اداڪارا مٿيرا چيو آهي ته مون کي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ فحاشي پسند ناهي، مان رڳو ڏسندڙن جي پسند موجب ڪم ڪندي آهيان. هڪ انٽرويو ۾ مٿيرا جو چوڻ هو ته مان شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به فحاشي جو سهارو ناهي ورتو، اڄ جنهن مقام تي پهتي آهيان، اهو محنت جو نتيجو آهي. ڪجهه ماڻهو مون کي ڄاڻي واڻي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.