ڌيءَ آصفه کي پارلياماني سياست ۾ آڻڻ جو اعلان، خط به جعلي، هي به جعلي، هن جو مينڊيٽ به جعلي آهي: آصف زرداري

اسلام اباد(م.ڊ)  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي ڌيءَ آصفه ڀٽو زرداري کي پارلياماني سياست ۾ آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اڳوڻي صدر جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري سندس هٿ پڪڙي پارليامينٽ هائوس پهتي جتي هن صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي، اڳوڻي صدر بي اعتمادي ۽ ٻين معاملن تي ڳالهايو. ان دوران هڪ صحافي سوال ڪيو ته توهان پنهنجي ڌيءَ آصفه ڀٽو زرداري کي پارلياماني سياست ۾ ڪڏهن آڻي رهيا آهيو؟ جنهن تي اڳوڻي صدر جواب ڏنو ته انشاءَ الله ايندڙ اليڪشن ۾، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وزيراعظم عمران خان جي مبينا ڌمڪي واري خط تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته هو پاڻ ان خط جو جائزو وٺي نه وٺي، پر خط به جعلي آهي، هي به جعلي آهي ۽ سندس مينڊيٽ به جعلي آهي، ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ڌمڪي واري خط جي معاملي تي قومي سلامتي ڪميٽي جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو هو جنهن ۾ مخالف ڌر کي به دعوت ڏني وئي هئي پر مخالف ڌر اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو هو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *