ڌرڻي واري سياست جو جنازو نڪري چڪو آهي: شهباز شريف

لاهور(م.ڊ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته ڌرڻي واري سياسي جو جنازو نڪري چڪو آهي ڪوڙ، منافقت، قوم سان دشمني ۽ ڪرپٽ ماڻهن کي گڏ ڪري نئون پاڪستان نه ٿو ٺاهي سگهجي لاهور ۾ اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي پنجاب جي وڏي وزير چيو ته سچائي ۽ نيڪ نيتي جو مقابلو بدنيتي ۽ ڊرامي بازيسان نٿو ڪري سگهجي ڌرڻن قوم جي معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، جنهن تي پوري قوم کي ڏک آهي ڪنٽينر تي بيهي سياست ۾ غير اخلاقي زبان متعارف ڪرائي پئي وڃي عمران خان پرتشدد زبان استعمال ڪري معاشري ۾ نفرت ڦهلائي، ڌرڻن ذريعي آپريشن ضرب عضب تي کي به نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آءِ ڊي پيز وٽ وڃي به عمران خان ڌانڌلي جون رڙيون ڪري ٿو پنجاب جي وڏي وزير چيو ته عمران خان هٺ ڌرمي، ضد ۽ انا جي سياست کي ختم ڪري ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽خوشحالي ۾ پنهنجو مثبت ادا ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *