ڌرڻي وارن جا وڏا منصوبا ها جيڪي قوم ناڪام بڻائي ڇڏيا: وزير اعظم

نيويارڪ (م.ڊ/اي پي پي) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته جمهوريت لاءِ جلاوطني ۽ جيل ڪاٽيو، ملڪ ۾ آئين جي بالادستي لاءِ سياسي قوتون متحد آهن، ڌرڻي وارن وڏو منصوبو جوڙيو، قوم جو ساٿ نه ڏيڻ تي سمورا منصوبا ناڪام ٿي چڪا آهن، ڌرڻي وارا هاڻ واپس وڃڻ چاهين ٿا، ماضي ۾ پارليامينٽ هائوس، وزير اعظم هائوس ۽ پي ٽي وي تي حملي جو مثال نٿو ملي، ڌرڻن باوجود حڪومت پوري طرح فعال آهي، حڪومت جو هدف صرف ملڪ ۾ خوشحالي آڻڻ آهي، حڪومت ثابت قدمي سان ترقي جي راهه تي گامزن آهي. نيويارڪ ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندي وزير اعظم وڌيڪ چيو ته جمهوريت تي ڪنهن به صورت ۾ آنچ اچڻ نه ڏينداسين، ڌرڻي وارن وڏو منصوبو بڻايو پر قوم جو ساٿ نه ملڻ تي سمورا منصوبا ناڪام ٿي چڪا آهن ۽ هاڻ اهي واپس وڃڻ چاهين ٿا، ماضي ۾ پارليامينٽ هائوس، وزير اعظم هائوس ۽ پي ٽي وي تي حملي جا مثال نٿا ملن ۽ ڌرڻن جي باوجود حڪومت پوري طرح فحال آهي. هن چيو ته 2012ع جي چونڊن ۾ مونکي ڪو عهدو نه هو، نگران وزير اعظم ۽ وڏا وزير پيپلزپارٽي نامزد ڪيا انهي لاءِ ڌانڌلي جا الزام غلط آهن. وزير اعظم ملڪ ۾ آئين جي بالادستي لاءِ ساٿ ڏيڻ تي پارليامينٽ ۽ سياسي اڳواڻن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته سياسي قوتون آئين جي بالادستي لاءِ متحد آهن اسان جمهوريت لاءِ جيل ۽ جلاوطني برداشت ڪئي ۽ اسان جو مقصد حڪومت نه پر ملڪ جي ترقي آهي پرپوءِ جمهوريت تي ڪنهن به صورت ۾ تاءُ اچڻ نه ڏينداسين. وزير اعظم ان موقعي تي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو، تمام احتجاج باوجود مل ڪ۾ حڪومت پوري طرح فعال آهي. ملڪ ۾ سياسي اتحاد جي باري ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته احتجاجين کانسواءِ سموريون سياسي پارٽيون جمهوريت جون حامي آهن، قانون جي حڪمراني ۽ پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ تعاون ڪرڻ تي سمورن سياسي اڳواڻن جو شڪريو ادا ڪيو. وزير اعظم چيو ته سياسي جماعتن کي چيو آهي ته ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ ۾ مدد ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *