ڌرڻي وارا پهريان نئون خيبرپختونخواهه ته ٺاهين، جلد ڪيچ آئوٽ ٿي ويندا: نوازشريف

اچ شريف (م.ڊ/اين اين آءِ/اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته احتجاج ۽ ڌرڻن جي منفي سياست پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، ملڪ ان کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، نئين پاڪستان جو نعرو هڻندڙ پهرين خيبرپختونخواهه صوبي ۾ ترقي ۽ بهتري آڻي نئون خيبرپختونخواهه ٺاهين، منفي سياست کي خدا حافظ چئي ايندڙ نسل جي خوشحالي ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏنو وڃي. هن اها ڳالهه ڪالهه اربع ڏينهن هتي احمد پور شرقيه تعلقي ۾ اچ شريف جي ڳوٺ بيٽ بختياري ۾ ٻوڏ متاثرين کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم چيو ته ڌرڻن ۽ احتجاج جي سياست پاڪستان جو قيمتي وقت ضايع ڪيو آهي، اهڙي قسم جي سياست ڪندڙن تمام گهڻو افسوسناڪ ڪردار ادا ڪيو آهي، ان سان سيڙپڪاري کي تمام وڏو ڌچڪو لڳو آهي. وزيراعظم نئين پاڪستان ٺاهڻ جي دعويٰ ڪندڙن کي مخاطب ٿيندي چيو ته نئين خيبرپختونخواهه ٺاهڻ کانپوءِ نئين پاڪستان ٺاهڻ جي ڳالهه ڪن، خيبرپختونخواهه ۾ گذريل هڪ سال دوران حالتون جيتريون خراب ٿيون آهن ان جو صوبي جي تاريخ ۾ پهرين ڪو مثال نه ٿو ملي. وزيراعظم منفي سياست ڪندڙن تي زور ڀريو ته هو عوام جي ايندڙ نسل جي خوشحالي، پاڪستان جي ترقي لاءِ اسان جو ساٿ ڏين، اهڙي قسم جي منفي سياست هاڻي پاڪستان ۾ نه هلندي. هن چيو ته ڪجهه سياستدان ملڪ کي پٺتي وٺي وڃڻ چاهين ٿا، اهي نه ٿا چاهين ته عوام خوشحال ٿئي، انهن جون مصيبتون ختم ٿين، غربت جو خاتمو ٿئي، نوجوان نسل تعليم حاصل ڪري ۽ پڙهي لکي سٺا شهري بڻجن، ملڪ ترقي ڪري، عام ماڻهو جي لاءِ اسڪول ۽ اسپتالون ٺهن، بيروزگاري ختم ٿئي، اهي رڳو نواز شريف جي استعيفيٰ چاهين ٿا، اهي استعيفيٰ ڇو ٿا چاهين جڏهن ته عوام جي اڪثريت نواز شريف جي حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته عوام مسلم ليگ (ن) کي هڪ ڪروڙ 60 لک کان وڌيڪ ووٽ ڏنا آهن، ڪروڙين ماڻهو ووٽ ڏين ۽ رڳو 10 کان 30 هزار ماڻهو استعيفيٰ گهرن، اهو هن قوم سان هڪ مذاق ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اسان ڏينهن رات ديانتداري سان قوم جي خدمت ۾ مصروف آهيون، الله چاهيو ته اسان جي حڪومت هن قوم جي ڀرپور خدمت ڪندي، 5 سالن ۾ اهڙي خدمت ڪنداسين جنهن جو مثال تاريخ ۾ نه ملندو. وزيراعظم نواز شريف چيو ته عوام جنهن محبت سان ۽ خوشي سان اسان کي ووٽ ڏنا آهن ان جو بدلو نه ٿا لاهي سگهون. هن چيو ته هو عوام جي خدمت عبادت سمجهي ڪن ته جيئن الله تعاليٰ اسان کان راضي ٿئي، الله راضي هوندو ته عوام راضي هوندو. هن چيو ته آئون ڪو منافق سياستدان نه آهيان، جيڪا ڳالهه زبان مان نڪري اها دل ۾ هجڻ گهرجي، اهو نه ته دل ۾ ڪجهه ٻيو آهي ۽ زبان تي ڪجهه ٻيو. وزيراعظم چيو ته حيف آهي انهن سياستدانن، سياسي پارٽين ۽ انهن جي اڳواڻن تي جن حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو آهي، پارليامينٽ جي اندر هڪ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، ملڪ کي اڳيان وٺي وڃڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته مون ٻوڏ متاثر ماڻهن جي ڏکن ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ اچ شريف جو دورو ڪيو، ٻوڏ سبب اجڙي ويل گهر ڏٺا آهن، ٻوڏ سندن سڀ ڪجهه وهائي ويو، سندن چوپائي مال سان گڏوگڏ انهن جون فصلون خراب ٿيون، ڪنهن جو گهر اجڙڻ ڪا ننڍي ڳالهه نه آهي، جنهن مصيبت ۽ مشڪل مان اهي ماڻهو گذري رهيا آهن، انهن جي حوصلي جي داد ڏيان ٿو، آئون سندن ڏک ونڊڻ آيو آهيان، انهن جو حال پڇڻ آيو آهيان، منهنجو دل انهن متاثرين جي دلين سان گڏ ڌڙڪي ٿو، انهن جي گهرن کي ٻيهر تعمير ڪري رهيا آهيون، انهن کي گهرن ۾ آباد ڪرڻ تائين اطمينان سان نه ويهندس. وزيراعظم چيو ته منهنجو ضمير ۽ دل چوي ٿو ته جيستائين متاثرين آباد نه ٿا ٿين انهن سان گڏ رهو، جيتري ٿي سگهي انهن جي مدد ڪريو، هن چيو ته اها مدد انهن تي ڪو احسان يا مهرباني نه آهي، اهو انهن جو حق آهي ۽ منهنجو فرض آهي، آئون پنهنجو فرض ادا ڪرڻ جي لاءِ هتي آيو آهيان. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين جا گهر اجڙي وڃن ۽ آئون اسلام آباد ۾ ويهي رهان، انهن جا گهر اجڙي وڃن شهباز شيرف لاهور ۾ ويهي رهي ائين ڪڏهن به ٿو ٿي سگهي، تنهن ڪري انهن جي لاءِ ڏينهن رات منهنجو به دل تڙپي ٿو ته صبح شام انهن سان گڏ گذاريان ۽ ٻين کي به ان ڳالهه جي ترغيب ڏيان ته هو به اچي انهن جي خدمت ڪن ۽ انهن جو خيال رکن، رڳو ڌرڻن ۾ نه ويهن، وزيراعظم چيو ته ڳالهه غريبن جي ڪرڻ ۽ اسلام آباد ۾ پنهنجي محلن، اي سي ڪنٽينرن ۽ ڌرڻن ۾ ويهڻ اها ڳالهه سونهين نه ٿي. وزيراعظم ڌرڻا هڻندڙن طرف اشارو ڪندي چيو ته جيڪڏهن انهن کي هن قوم جو درد آهي ته انهن متاثرين وٽ اچي ويهن، انهن جو حال ۽ مسئلا پڇن. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين کي 25 هزار رپين جي پهرين قسط ملي چڪي آهي، متاثرين جي مدد ڪرڻ جي لاءِ جيتري تيزي سان ڪم ڪيو ويو ان جو ملڪ جي تاريخ ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي، هاڻي 20 آڪٽوبر کان 25 هزار جي ٻي قسط ملندي، هن چيو ته اها ٻوڏ اوچتو آئي ۽ اچي توهان جي زمينن تي پکڙجي وئي، گهرن کي تباهه ڪيو، الله جو شڪر آهي جو هن علائقي ۾ ڪو موت نه ٿيو، گهر تباهه ٿيا آهن، جن فصلن کي نقصان پهتو آهي ان جي به سروي ٿي رهي آهي ته جيئن معاوضو ادا ڪري سگهجي. هن چيو ته حڪومت گهٽ وسيلن جي باوجود متاثرين جي ڀرپور مددي جي لاءِ پوري ڪوشش ڪري رهي آهي. ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ حڪومتي قدمن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته بجلي جي لاءِ بهاولپور ۾ 100 ميگاواٽ جو سولر پارڪ ٺهي رهيو آهي، ان جي سگهه کي گهٽ ۾ گهٽ 500 ميگاواٽ تائين آڻينداسين، جنهن سان نه رڳو بهاولپور پر پورو ڏکڻ پنجاب روشن ٿيندو. هن چيو ته مون کي خبر آهي ته ان سگهه کي هڪ هزار ميگاواٽ تائين وٺي وڃڻ چاهيون ٿا پر آئون احتياط سان ڳالهه ڪري رهيو آهيان. وزيراعظم هلڪي ڦلڪي انداز ۾ چيو ته ڇڪا چوڪا ناهيان هڻندو، آئون ان عمر مان ٻاهر نڪري آيو آهيان ۽ ان عمر مان ٻيا ماڻهو به ٻاهر نڪري آيا آهن پر پوءِ به ڇڪن چوڪن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، ڪڏهن بال بائونڊري جي اندر ڪري ٿو ۽ ڪڏهن بائونڊري تي ڪيچ ٿي وڃي ٿو، سوچي سمجهي چوڪو ڇڪو هڻڻ گهرجي، اهو سوچڻ گهرجي ته ڪيچ آئوٽ نه ٿي وڃي. وزيراعظم ملڪ جي آبادگار برادري جو ذڪر ڪندي چيو ته هو آبادگار برادري جي بهتري جو خواهشمند آهي، غريب آبادگارن جي لاءِ ڀاڻ، تيل ۽ ٻج جون قيمتون گهٽ ٿيڻ گهرجن، هن قوم جو آبادگار خوشحال هوندو ته پوري قوم خوشحال هوندي، آئون چاهيان ٿو ته هن دور ۾ آبادگارن کي خوش ڏسان. هن چيو ته انشاءَ الله هن ملڪ جي اندر تبديلي ايندي ان جي لاءِ اسان ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان ڏينهن رات ڪم ڪري پاڪستان جي شڪل بدلائينداسين. علائقي جي لاءِ ترقياتي منصوبن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته انشاءَ الله بهاولپور جي هن علائقي جي ويجهو هڪ نئين موٽروي گذرندي جيڪا لاهور کان ڪراچي ويندي، انشاءَ الله هڪ نئين موٽروي ٺاهينداسين ته جيئن هتان کان ڪراچي، ملتان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻين علائقن ۾ وڃي سگهن. هن ياد ڏياريو ته لاهور کان اسلام آباد ۽ لاهور کان پشاور تائين موٽروي به نواز شريف ٺاهي هئي جيڪڏهن اها ٺهي سگهي ٿي ته هي ڇو نه ٿي ٺهي سگهي؟ وزيراعظم نواز شريف چيو ته آئون سياست جي لاءِ ڪوڙ ناهيان ڳالهائيندو. ملڪ مان لوڊشيڊنگ ختم ڪنداسين، اسان کي وسيلن جي ضرورت آهي، اسان محنت ڪري وسيلا گڏ ڪنداسين، اڄ جيڪا کوٽ آهي اها 5 هزار ميگاواٽ جي لڳ ڀڳ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ قتل، لاقانونيت، چوري ڌاڙن جو سدائين جي لاءِ خاتمو چاهيون ٿا. وزيراعظم احمدپور شرقيه کان اچ شريف تائين ٻن ڦارن واري رستي جي تعمير، ٻوڏ جي روڪٿام جي لاءِ بند تعمير ڪرڻ ۽ چني ڪوٽ ۾ گرلز ڪاليج قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ تي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، پاڪ فوج جي جوانن، پوليس اهلڪارن، ريسڪيو 1122، انتظاميا ۽ مسلم ليگ (ن) جي ڪارڪنن جي ڪوشش کي ساراهيو. وزيراعظم پنهنجي خطاب مڪمل ٿيڻ تي پاڪستان زندهه آباد جو نعرو هنيو. بين الصوبائي رابطن جو وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده، مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان، قومي اسيمبلي ميمبر علي حسن گيلاني، صوبائي اسيمبلي ميمبر قاضي عدنان فريد ۽ ٻيا پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *