ڌرڻن سان ملڪ کي نقصان پهچي رهيو آهي، نظام کي خطرو نه ٿيڻ گهرجي: پرويز مشرف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيو آهي ته ڌرڻن سان ملڪ کي نقصان پهچي رهيو آهي ۽ سڀ سياست چمڪائي رهيا آهن پر ملڪ ۾ ڪجهه به ٿئي نظام کي خطرو نه ٿيڻ گهرجي. ڪراچي ۾ يوٿ پارليامينٽ کي خطاب ڪندي پرويز مشرف چيو ته اسان جو وجود ڀارت جي ليڊرن کي پسند نه هو جنهن جي بنياد تي ڪشمير مسئلو شروع ٿيو، اسانجي وجود کي 1947 کان ئي خطرا هئا جنهن سبب پهريان 30 سالن ۾ ئي ٽي جنگيون وڙهيون ويون جڏهن ته مغربي سرحد کان به 50 کان 60 جي ڏهائي کان پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش شروع ٿي جيڪا اڃا به جاري آهي. افغانستان ۾ سوويت يونين جي جارحيت سبب اسانکي پنهنجي فورسز وڌائڻي پئي ڇو ته اسانجي مفاد ۾ هو ته سوويت يونين کي افغانستان کان ڪڍيو وڃي. هن چيو ته اسانکي پنهنجي معيشت کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو اُن کانسواءِ ڪوبه ملڪ ترقي نه ڪندو ملڪ ۾ ڪنهن به جمهوريت حڪومت معيشت جي بهتري لاءِ ڪم نه ڪيو رڳو فوجين ئي ملڪي معيشت لاءِ ڪم ڪيو. اڳوڻي صدر چيو ته بلوچستان ۾ ۾ مغربي سرحد تي ڇڪتاڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ القائدا ۽ طالبان آهن ۽ بلوچستان ۾ مذهبي ۽ عليحدگي پسند گروپ اسان کي سڀ کان پهريان مستحڪم  ۽ مضبوط پاڪستان بڻائڻو پوندو جنهن کانسواءِ عالمي برادري خاص ڪري مسلم ملڪن ۾ پاڪستان جو اهم ڪردارن هئڻ گهرجي. پاڪستان ڪمزور ملڪ ناهي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *