ڌرڻن جي سياست ڪندڙ ملڪ ۽ قوم کي محرومين جو شڪار ڪرڻ گهرن ٿا؛نواز شريف :

لاهور (بيورو) وزيراعظم محمد نوازشريف چيو ته ڌرڻن جي سياست ڪندڙ ملڪ ۽ قوم کي محرومين جو شڪار ڪرڻ گهرن ٿا ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري رکنداسين چين سان طئي ٿيندڙ معاهدا مڪمل ٿيڻ سان پاڪستان ترقي جون نيون منزلون طئي ڪندو مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پنهنجي منشور تي عمل پيرا آهي انشاالله جڏهن ٻيهر عوام وٽ وينداسين ته ڪامياب ٿينداسين اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن جاتي عمره رائونڊ ۾ محمد شهبازشريف سان ٿيندڙ ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو ان دوران عمران خان پاران 30 نومبر تي ڏنل ڪال ٻوڏ متاثرن جي آبادڪاري لاءِ جاري امداد جو ٻيو مرحلو چين سان طئي ٿيندڙ معاهدن افغانستان جي صدر جي پاڪستان جي دوري سميت صوبي ۽ ملڪي جي جملي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي جاتي عمره رائونڊ ۾ ملاقات ۾ شهبازشريف وزيراعظم محمد نوازشريف کي آگاهه ڪيو ته ٻوڏ متاثرن کي امداد جي ٻئي مرحلي ۾ 6 ڏينهن ۾ 6 ارب 62 ڪروڙ ماليت جا پي آرڊر تقسيم ڪيا ويا آهن. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ٻوڏ متاثرن جي مڪمل بحالي تائين پنجاب حڪومت ڪائي ڪسر نه ڇڏيندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *