ڌرڻن جو روح پرواز ڪري ويو، هاڻي جسم پيل آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته طاهرالقادري جهيڙي جهٽي جي ذهنيت جو مالڪ آهي، وزيراعظم محمد نواز شريف جي حڪومت ڌرڻن جي معاملي تي رحم کان ڪم ورتو آهي. ڪالهه خميس ڏينهن هتي پي ٽي آءِ جي خيبرپختونخواهه جي حڪومت جي خلاف اڇو چٺو پڌرو ڪرڻ جي موقعي تي پريس ڪانفرنس ۾ سوالن جا جواب ڏيندي اطلاعات واري وزير چيو ته ڌرڻن جو روح پرواز ڪري ويو آهي هاڻي جسم پيل آهي. ڌرڻن سان ملڪي معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، ملڪ هن وقت حالت جنگ ۾ آهي ان وقت اهڙا شوشا نقصانڪار آهن. هن چيو ته تحريڪ انصاف ۽ عوامي تحريڪ کي گهرجي ته هو ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ اڳتي اچن، معاملان ڳالهين ذريعي ئي حل ٿي سگهن ٿا ڌرڻن سان ڪجهه به نه ٿيندو. حڪومت ملڪي بحرانن کي ختم ڪرڻ لاءِ پر عزم آهي، جلد بحرانن تي ڪنٽرول ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *