ڌرڻن تي اربين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود ان جو ڪو مثبت نتيجو ناهي نڪتو: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته ڌرڻن تي اربين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود ان جو ڪو مثبت نتيجو ناهي نڪتو. پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران پارليامينٽ ۾ پنهنجو موقف پيش ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته عمران خان جمهوري طريقن بدران طاقت جي ذريعي اشوز حل ڪرڻ چاهي ٿو جڏهن ته حڪومت ڳالهين جي لاءِ پنهنجا دروازا بند ناهن ڪيا ۽ اپوزيشن جرڳو به ان سلسلي ۾ پنهنجون ڪوششون ڪري رهيو آهي. پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو اهو فرض آهي ته ڪنهن به ميمبر پاران استعيفيٰ ڏيڻ جي تصديق کانپوءِ ان جي استعيفيٰ منظور ڪري، عمران خان پنهنجي پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبرن کي اسپيڪر جي چيمبر ۾ انفرادي طور تي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي جيڪي اجتماعي طور تي اسپيڪر سامهون پيش ٿيڻ چاهين ٿا. قومي اسيمبلي جي ڪنهن به ميمبر کي پنهنجي استعيفيٰ جي وضاحت پيش ڪرڻ جو آزاداڻو ماحول فراهم ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو اهو ٻڌائي سگهي ته هو پنهنجي مرضي سان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي يا دٻاءُ تحت ائين ڪري رهيو آهي. ڀارت ۽ ايران پاران سرحدن تي فائرنگ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ان معاملي تي سفارتي ڪوششون ڪري رهيو آهي جڏهن ته پاڪ فوج به لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي فوج کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته ڪيترن ئي موقعن تي سمورين پارلياماني پارٽين عمران خان کي درخواست ڪئي ته موجوده حالتن ۾ قومي مفادن کي ترجيح ڏني وڃي ته جيئن ملڪي معيشت بهتر ٿي سگهي. هن چيو ته حڪومت معيشت جي استحڪام جي لاءِ داخلي استحڪام جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن پاڪستان جي شموليت سان ايشيائي انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ قائم ڪرڻ کي ساراهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *