ڌرڻا پوئتي رهجي ويندا پاڪستان اڳتي نڪري ويندو: وزير اعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم محمد نوازشريف چيو آهي ته ڌرڻا پوئتي رهجي ويندا پاڪستان اڳتي نڪري ويندو ڌرڻن سان پاڪستاني معيشت کي ڪافي نقصان ٿيو اسان کي سياسي بردباري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو هڪ جمهوري حڪومت ويئي ۽ ٻئي اقتدار ۾ آئي آهي روايت کي ختم نه ڪرڻ گهرجي ڌرڻن وارا اسان کي بيروزگاري ۽ دهشتگردي ختم ڪرڻ ڏين پاڪستان ترقي جي دڳ تي هلي رهيو آهي ٻيهر بدامني بدحالي ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي پنهنجي نجي شعبي کي ايل اين جي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيئي ڇڏي آهي حڪومت جلد او جي ڊي سي ايل جا شيئر وڪرو ڪندي سيڙپڪاري ڪانفرنس سان پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ مدد ملندي پرڏيهي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چونداسين ۽ انهن کي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون سومر تي هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ڌرڻن جيڪري چيني صدر جو دورو ملتوي ٿيو جيڪڏهن ڌرڻن جي سياست نه ٿئي ها ته چيني صدر جو دورو ملتوي نه ٿئي ها پاڪستان کي ترقي يافته ملڪ بنائڻ واري سياست ٿيڻ گهرجي ڌرڻن جي ڪري چيني صدر جو دورو ملتوي ٿيڻ ڇا سٺو ڪم آهي وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت جي اقتدار جي اچڻ کان پوءِ ڪرپشن جو ڪوئي اسڪينڊل ناهي آيو ماضي ۾ روزانو ڪوئي نه ڪوئي اسڪينڊل آڏو ايندو هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *