ڌرڻا بري طرح ناڪام ٿي چڪا جلد پنهنجي موت پاڻ مري ويندا: سعد رفيق

راولپنڊي (م.ڊ) وفاقي وزير ريلوي خواجه سعد رفيق چيو آهي ته ملتان جو ضمني چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي اخلاقي شڪست ٿي چڪي آهي ملتان جي ضمني چونڊن ۾ ڪوڙ جي مقابلي ۾ جمهوريت جو ساٿ ڏيئي رهيا آهيون سازشون ڌرڻا ۽ الزام نوازشريف ۽ ان جي ٽيم کي پاڪستان جي معاشي ڌماڪو ڪرڻ کان نٿا روڪي سگهن عمران خان کي ڪوڙ جو ورلڊ چئمپين ڊڪليئر ڪري رهيو آهيان ڌرڻا فلاپ ٿيا آهن راولپنڊي ۾ وفاقي وزير ريلوي خواجه سعد رفيق چيو ته چين صدر ڀارت ۾ 20 ارب ڊالر جا معاهدا ڪيا جڏهن ته پاڪستان نه اچي سگهيو عمران خان ۽ طاهرالقادري پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري روڪي ڌرڻن سان اسان کي نه پر 18 ڪروڙ عوام کي خطرو آهي ۽ هي ڌرڻو عوام جي حق ۾ ڌاڙو آهي ٻنهي پارٽين جا ڌرڻا فلاپ ٿي ويا آهن ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڌرڻا پاڻ ئي ختم ٿي ويندا هن چيو ته پي ٽي آءِ جي قيادت بجلي استعمال ڪري رهي آهي جڏهن ته بل ادا نٿا ڪن. بجلي جي رٿا ۾ دير جو ذميوار عمران خان آهي سعد رفيق چيو ته 11 مئي جي چونڊن ۾ پاڪستان جي ڪروڙين ماڻهن مسلم ليگ (ن) کي اڪثريت ڏيئي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو هو اڳوڻي حڪومت جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي کيس آءِ سي يو تائين وٺي ويئي وزيراعظم محمد نوازشريف جي قيادت ۾ ان جي ٽيم ملڪ کي مالياتي بدنظمي جي سيلاب مان ڪڍيو بيورو ڪريسي ۾ ديانتدار ماڻهو آندا ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف طالبان ۽ دهشتگردن جي خلاف سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي آرمي جي مشاورت سان فيصلائتي ڪارروائي ڪئي ويئي جنهن جي ڪري اڄ سڄي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *