ڌرڻا، هڙتالون ملڪ جي وڌندڙ معيشت لاءِ زهر جي برابر آهن: نواز شريف

لاهور (م.ڊ) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ڌرڻا ۽ هڙتالون ملڪ جي وڌندڙ معيشت لاءِ زهر جي برابر آهن ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي اسان جو اولين ايجنڊا آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ان ۾ پنهنجو حصو وجهڻ چاهي ٿو ته ان کي خوش آمديد چونداسين، واپارين ۽ عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ ان کي هر صورت ۾ نڀايو ويندو، زبردستي ڪاروبار بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندڙن خلاف قانون حرڪت ۾ ايندو، حڪومت خلوص نيت سان ڳالهيون چاهي ٿي ۽ ان طرفان به ان جو اظهار هجڻ گهرجي، ذريعن موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن راءِ ونڊ ۾ وڏي وزير پنجاب محمد شهباز شريف سان ملاقات دوران ڳالهيون ڪندي ڪيو، ملاقات ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان پاران اڄ فيصل آباد ۾ احتجاج جو سڏ ۽ پنجاب حڪومت پاران امن جي صورتحال کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ قدم کڻڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ شهيد ڪربلا جي چهلم جي موقعي تي سيڪيورٽي بابت به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته وڏي وزير، وزيراعظم نواز شريف کي توانائي سيڪٽر ۾ کنڊ جي سرمائيڪارن سان ٿيندڙ ملاقاتن کانسواءِ ڪمند جي آبادگارن کي مقرر امدادي قيمت ڏيارڻ لاءِ کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *