ڌانڌلي متعلق ڪا رپورٽ جاري ناهي ڪئي: اليڪشن ڪميشن لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي

اسلام آ باد (بيورو) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن متعلق رپورٽ کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي، اليڪشن ڪميشن ترجمان چيو آ هي ته عام چونڊن جي رپورٽ چونڊ سڌاري ڪميٽي کي ڏني وئي، اها ڌانڌلي نه بي ضابطگي چئي سگهجي ٿو، ڌانڌلي متعلق ڪا رپورٽ جاري ناهي ڪئي، ماهر ۽ تجربيڪار مثبت انداز ۾ پيش ڪن، ڌانڌلي الزامن بدران انتخابي سڌاري تي ڌيان ڏين، ويب سائيٽ تي پيل رپورٽ سان اسان جو ڪو تعلق ناهي. جاري بيان ۾ اليڪشن ڪميشن ترجمان وڌيڪ چيو آ هي ته ڌانڌلي متعلق ڪا رپورٽ جاري ناهي ڪئي، ويب سائيٽ تي پيل رپورٽ سان اسان جو ڪو تعلق نه آ هي. هن چيو ته 2013ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جو الزام غلط آ هي، عام چونڊن ۾ ٿيل غلطين کي بي ضابطگي چئي سگهجي ٿو، ڌانڌلي نه. هن چيو ته ويب سائيٽ تي موجودهه رپورٽ عالمي ۽ ملڪي مبصرن جي سفارشن تي ٻڌل آ هي، رپورٽ جاري ڪرڻ جو مقصد عام چونڊن ۾ سامهون آ يل مسئلن جي نشاندهي آ هي، عام چونڊن متعلق حقيقت نامو 29 سيپٽمبر تي پارلياماني ڪميٽي ۾ پيش ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *