ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم ٿيڻ تائين پارليامينٽ ۾ نه وينداسين: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان، هارس ٽريڊنگ روڪڻ لاءِ سينيٽرز جي چونڊ هٿ مٿي کڻي ڪرڻ  واري حڪومتي فيصلي جي حمايت ڪري ڇڏي آهي،  ڪپتان چيو آهي ته ڪروڙين رپيا ڏئي ايوان ۾ ايندڙ عوام جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهندو، هارس ٽريڊنگ روڪڻ لاءِ حڪومتي قدمن جي حمايت ڪئي ويندي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته هڪ شخص کيس تحريڪ انصاف جي سيٽ تي سينيٽر ٿيڻ لاءِ کيس 15 ڪروڙ رپين جي آڇ ڪئي هئي. هن چيو ته سينيٽر ٿيڻ لاءِ قيمتون لڳي رهيون آهن پر اسان ان تي ايڪشن کڻڻ بدران خاموش ويٺا آهيون، حڪومتي پاران سينيٽر جي چونڊ هٿ مٿي کڻڻ وارو فيصلو سٺو آهي، پر ان تي عمل به ٿيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته ڪو به غلط فهمي  ۾ نه رهي، ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم ٿيڻ تائين هو پارليامينٽ ۾ نه ويندا. عمران خان چيو ته ڌانڌلين دوران گهٽ ۾ گهٽ 70 لک کان وڌيڪ جعلي ووٽ وڌا ويا، جنهن کي هو جڊيشل ڪميشن ۾ ثابت ڪندا. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته ملڪ ۾ جاري دهشتگردي سبب هنن ڌرڻو ختم ڪيو ۽ حڪومت جو ساٿ ڏنو پر عوام هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان ۽ آزادي بس کي روڊن تي ڏسندو. قبائلي جرڳي سان ملاقات بابت سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قبائلين سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، هن وقت تائين خيبرپختونخواهه ۾ 22 لک آءِ ڊي پيز آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *